ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) اطلاعات کاتي جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊيل حڪومت جو انتظار نه ٿا ڪري سگهون، جيڪي مسئلا هوندا حل ڪنداسين، ڪوشش ڪيون پيا ته ملڪ ڊيفالٽ طرف نه وڃي، ارڙهين ترميم باوجود اطلاعات کاتو وفاق وٽ آهي، نگران حڪومت ڪنهن برگيڊ ذريعي نه پر پاڪستان جي آئين تحت وجود ۾ آئي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سي پي اين اي ۾ ميٽ دي ايڊيٽرز دوران ڪيو، ان دوران سي پي اين اي جي سيڪريٽري اعجاز الحسن چيو ته نگران حڪومت اشتهارن جي ريٽ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، ان تي جواب ڏيندي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو ڪيس ناڻي کاتي وٽ آهي، ڪوشش ڪري ان معاملي کي اڪلايو ويندو، هن چيو ته اشتهارن جي ورهاست جا اختيار هيٺين سطح تي هجڻ گهرجن ان تي اصولي طور اتفاق ڪيان ٿو، اختيار ئي برائي جي جڙ آهن، اشتهار صوبن ذريعي ڏنا وڃن، پر اهو به مسئلو آهي ته اهي وري ڊمي اخبارن کي ڏنا وڃن ٿا، اصل اخبارن کي نه ٿا ملن، هن چيو ته پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جون حالتون خراب آهن، ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، سڀني ٻولين ۾ چئنل هجڻ گهرجن، ان لاءِ وسيلا گهرجن ٿا. هن چيو ته صحافي خالد جميل چئنل تي رپورٽنگ جي ڪري تڪليف نه آئي آهي پر سوشل ميڊيا واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي گرفتار ڪيو آهي، نگران حڪومت وٽ اهو اختيار نه آهي ته اها ڪنهن ڪيس ۾ مداخلت ڪري، هن چيو ته پرنٽ ميڊيا معاشي بحران جي ڪري تڪليف ۾آهي، پر انهن ادارن جا ورڪر وڌيڪ تڪليف ۾ آهن، اخباري ڪارڪنن سان مون کي وڌيڪ همدردي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ارڙهين ترميم باوجود اطلاعات ۽ براڊ ڪاسٽنگ کاتو وفاق وٽ آهي، براڊ ڪاسٽنگ لاءِ صوبن کي اختيار آهن، ڪي پي ۽ پنجاب براڊ ڪاسٽنگ کي استعمال ڪيو آهي پر سنڌ صوبي اڃا نه ڪيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته هن کان جيترو ٿي سگهيو هو پرنٽ ميڊيا جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندو. ان کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات کاتي جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آهي، پريس ڪلب پاڪستان ۾ جمهوريت جي ارتقا جو اهم مورچو رهيو آهي، اڄ به پورهيت پنهنجو ڏک پريس ڪلب آڏو اچي ٻڌائين ٿا، ملڪ ۾ چونڊون ٿين يا نه پريس ڪلب جون چونڊون وقت تي ٿينديون آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي، 27 سيپٽمبر تي تڪبندين جو اعلان ڪيو ويندو، ملڪ ۾ آزاد، ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ ان جي ذميواري آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت جو انتظار نه ٿا ڪري سگهون جيڪو به مسئلو سامهون ايندو ان کي حل ڪنداسين، پارليامينٽ نه آهي ان جو اهو مطلب نه آهي ته اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، اسان ڪنهن ٽرڪ تي ويهي اقتدار ۾ نه آيا آهيون، نگران حڪومت ۾ ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي، هن چيو ته چونڊن جي ريس ۾ اسان جو ڪو به گهوڙو نه آهي، عوام جنهن تي اعتماد ڪندو اهو کٽيندو، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل خريداري لاءِ پئسا ڊالرن ۾ ڏيندا آهيون، ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي، ممڪن آهي ته تيل جو اگهه به گهٽجي. هن چيو ته ارڙهين ترميم جو مسئلو 2010 کان هلي پيو، ڪجهه وفاقي وزارتون ختم ڪيون ويون هيون جيڪي بعد ۾ بحال ڪيون ويون، هن چيو ته جيڪا اخبار سرڪار کان اشتهار وٺي ٿي ملازمن کي پگهار نه ٿي ڏئي، هاڻي ورڪرن کي پگهار نه ڏيندڙ اخبارن کي اشتهار نه ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محدود اختيار ۽ مدت آهي، جهيڙن ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون، ڪوشش آهي ته ملڪ ڊيفالٽ طرف نه وڃي. هن چيو ته غريب جو پٽ آهيان گهر جو راشن پاڻ خريد ڪندو آهيان مون کي اندازو آهي ته غريب ڪيتري مشڪل ۾ آهي،