پاڪستان ۾ ساڍا 9 ڪروڙ ماڻهو انتهائي غريب، زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس لڳايو: عالمي بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ) عالمي بئنڪ معيشت جي بگڙيل حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.ورلڊ بئنڪ پاڪستاني اختيارين کي پڻ چيو آهي ته فضول خرچن کي گھٽايو وڃي ته جيئن معاشي استحڪام لاءِ معيشت جي سائيز جي 7 سيڪڙو کان وڌيڪ وڏي مالي ترتيب جي اجازت ڏني وڃي .قرض ڏيندڙ ورلڊ بئنڪ جمعي تي اهو به انڪشاف ڪيو ته پاڪستان ۾ غربت ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 39.4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ وڌيڪ 125 ملين ماڻهو خراب معاشي حالتن سبب متاثر ٿيا. اٽڪل ساڍا9 ڪروڙ پاڪستاني هن وقت غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن.واشنگٽن ۾ قائم ورلڊ بئنڪ اها ڳالهه هڪ ڊرافٽ پاليسي نوٽ ۾ چئي آهي جيڪا هن ايندڙ حڪومت لاءِ سمورن ڀائيوارن جي سهڪار سان تيار ڪئي آهي.پاليسي مسودي ۾ گهٽ انساني ترقي، غيرپائيدار مالياتي صورتحال، زراعت، توانائي ۽ نجي شعبن کي ضابطا ۾ آڻڻ ۽ انهن شعب ۾ سڌارا ايندڙ حڪومت لاءِ ترجيحي قرار ڏنا ويا آهن، ورلڊ بئنڪ تجويز ڪيل قدمن کي فوري طور تي ٽيڪس جي ڊي پي تناسب سان ٽيڪس ۾ فوري طور 5 سيڪڙو واڌ ۽ خرچن کي جي ڊي پي جي تقريبن 2.7 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جا قدم به تجويز ڪيا ويا آهن، ورلڊ بينڪ جي چيف ڪنٽري اڪنامسٽ ٽوبياس حق چيو آهي ته عالمي بينڪ کي موجوده معاشي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي،هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سنگين معاشي ۽ انساني ترقي جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هڪ اهڙي موڙ تي آهي جتي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جي ضرورت آهي.ورلڊ بئنڪ ۾ پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين چيو ته هي پاڪستان لاءِ پاليسي ۾ تبديليءَ جو هڪ اهم لمحو ٿي سگهي ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته موجوده معاشي صورتحال سمجهي ويندي پر سوال اهو آهي ته ڇا سموريون سياسي پارٽيون، ڪاروباري تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ ڳڻپ ڪندڙ سمورا ماڻهو پاليسين ۾ تبديليءَ کان آگاهه آهن؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ ساليانو 7.2 کرب بدران 14 کان 15 کرب رپيا وصولي ٿي سگهي ٿي، ٽيڪسن جي شرح ۾ 3 سيڪڙو اضافي لاءِ ريئل اسٽيٽ ۽ زراعت تي ٽيڪس لڳايو وڃي، هن چيو ته موجوده نظام سان بجلي پيدا ڪندرن کي تمام گهڻو منافعو ملي رهيو آهي،بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ بدانتظامي سان نقصانن ۾ اضافو ٿئي ٿو،غربت جي شرح 6.3 سيڪڙو مان وڌيڪ 12.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي، پاڪستان کي امير طبقي تي ٽيڪس استثنيٰ ختم ۽ سيلز ٽيڪس تي ڀاڙڻ گهٽائڻو پوندو، ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان ۾ غربت هڪ سال اندر 34.2 سيڪڙو مان وڌي 39.4 سيڪڙو ٿي وئي ۽ 1 ڪروڙ 25 لک غربت جي لڪير هيٺ  ٿي ويا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غربت ۾ اضافو زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.