بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڏيپلو پوليس هٿان ماريل بدين جي نوجوان رمضان کوسو جا قاتل پنج ڏينھن گذري وڃڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، وارثن ۾ سخت ڪاوڙ، مختلف برادرين جي ماڻهن ۽ ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح طرفان مقتول جي وارثن سان تعزيت، وڏي ڌرڻي جون تياريون، پيپلزپارٽي اڳواڻ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سرگرم ٿي ويا، ڌرڻو روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون، پيپلز پارٽي ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح پيپلز پارٽي ضلعي جرنل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو ارباب انور سميت مختلف ماڻھو قتل ڪيل نوجوان رمضان کوسو جي تڏي پھچي ويا، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح چيو ته رمضان کوسو جي پوليس گردي ۾ مارجڻ تي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي رمضان کوسو جا قاتل پوليس وارا گرفتار ڪرڻ ۾ دير تي ايس ايس پي ٿرپارڪر سان رابطو ڪري پابند ڪيان ٿو ته قاتل ايس ايڇ او حسين بخش ،شوڪت راھمون سميت قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڌيڪ دير برداش نه ٿي ڪري سگھجي، رمضان کوسو اسان جو آھي ان جي قتل سان پوري سنڌ ڏکاري آھي قاتلن کي ڪابه رعايت برداش نه ڪئي ويندي، رمضان کوسو جي وارثن ايم پي اي کي شڪايت ڪئي ته ايس ايس پي ٿرپارڪر وٽ رمضان کوسو جو قاتل ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ جو سئوٽ مبارڪ راڄڙ جيڪو سي آئي اي ٿرپارڪر جو جو انچارج آھي اھو قاتلن کي بچائڻ ۾ اڳيان اڳيان آھي ان سي آئي اي انچارج کي فوري طور ٿرپارڪر مان ھٽايو وڃي ان جي موجودگي سان قاتل قانون جي ڪٽھڙي ۾ نه ٿا اچن اسان جي صبر کي اسان جي ڪمزوري نه سمجھو وڃي اسان ٻيھر ڌرڻي جي تياري ۾ آھيون ھزارين ماڻھون مٺي ۾ پھتا ته پوءِ حالتون ٻيون ھونديون اسان کي انصاف ملڻ ۾ دير ۾ جيڪي رڪاوٽون آھن اھي ختم ڪيون وڃن، سجاد چانڊيو چيو ته اسان مسلسل رابطي ۾ آھيون ته رمضان کوسو جا قاتل گرفتار ڪيو ٿرپارڪر ۾ جيڪڏھن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو لڳي ٿو ته اسان گڏ آھيون اھڙي نوبت نه ايندي، عوامي تحريڪ جھڏو جي اياز کوسو چيو ته ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آھي ته ڪونڌر نوجوان کي گوليون ھڻي ماريو ويو اسان کي مسلسل 18 سالن کان وٺي لاش ڏنا پيا وڃن ماڻھون جي ھر شيءَ کسي پئي وڃي پاڻي بند فصل ختم نوجوان پوليس ماري رھي آھي آئي جي سنڌ بدين اچي ڊرائيور لائينس جي برانچ کولي کٽ مٺڙا ورھائي ھليو ويو آئي جي بدين جو حڪم ڪري ويو ته قاتل گرفتار ڪيو سندس حڪم ڪير مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو لڳندو، سڄي سنڌ مان ماڻهو هتي پهچندا. کوسا ڊولمپنٽ سوسائٽي جي مرڪزي اڳواڻن عبدالحڪيم کوسو، درگاھ گاجي شاھ جو گادي نشين فقير رسول بخش کوسو ممتاز کوسو. رئيس ممتاز کوسو ، ڌرمحمد کوسو رمضان کوسو، الھبچايو کوسو ۽ ٻين نوجوان رمضان کوسو جي قتل تي افسوس ڪندي تڏي پھچي وارثن سان عيادت ڪئي اعلان ڪيو ته اسان اڄ ايس ايس پي ٿرپارڪر سان ملاقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چونداسين، قاتل گرفتار نه ٿيا ته چئن ڏينهن بعد 22 ضلعن ۾ ڌرڻا هوندا.