ڪمند جو 400 رپيا في مڻ اگهه رد، اوٻاوڙي ۾ هارين ۽ آبادگارن جي ريلي

اوٻاوڙو (عوامي آواز رپورٽ) گھوٽڪي جي شهر اوباڙو ۾ ڪمند جي هارين شوگر ملز پاران مقرر ڪيل 400 روپيا في مڻ ريٽ رد ڪري ڇڏيو، اوٻاوڙو ۾ هارين ۽ آبادگارن ڪمند جو اگهه گهٽ مقرر ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي چيو ته هي ريٽ مقرر ڪرڻ سان هارين جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، اڳواڻ آفتاب مزاري چيو ته  کنڊ جو ريٽ 240 روپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته ڪمند 400 رپيا في مڻ تي وڪرو ڪرڻ سان هارين کي معاشي نقصان ٿيندو، ڪو به زميندار 400 روپيا في مڻ تي ڪمند وڪرو نه ڪندو، جڏهن ته ڊي اي پي، ڊيزل، يوريا ۽ کنڊ اڃا به مهانگي آهي، جڏهن ته سجاول ۾ شوگر ملز بند پيل، هارين جون زندگيون ڏکيون ٿي ٿيون، سجاول ۾ قائم ٽنهي شوگر ملز اڃا تائين بند آهن ۽ ڪريشنگ شروع نه ٿيڻ سبب ڪمند جا هاري سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.