بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ ۾ مئل قرار ڏنل عورت تدفين کان اڳ اُٿي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ ۾ خاندان وارن 65 ورهين جي عورت چونٿيروٽ کي مئل سمجهي تابوت ۾ رکيو، ڪجهه منٽن کانپوءِ هوءَ هوش ۾ اچي وئي ۽ تابوت کڙڪائڻ لڳي.
ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته عورت جيئري آهي، ڪمزوري ۽ شگر ليول گهٽجڻ سبب گهر وارن کيس مئل قرار ڏئي دفنائڻ جي تياري ڪئي هئي، گهر ڀاتين عورت کي بيهوشي ۾ ڏسي مئل سمجهيو.
Next Post
You might also like