ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) پيٽرول جي قيمتن ۾ ايندڙ مهيني 12 روپيه لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب روپئي جي قيمت ۾ اضافي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان آهي. اختيارين ٻڌايو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 11 روپيه 98 پئسا گهٽ ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڊيزل 9 روپيه 17 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه گاسليٽ به 5.58 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن واپار بابت نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي عوام کي خوشخبري ڏينداسين.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز وچ ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي گوهر اعجاز چيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي، ڪرنسي مستحڪم ٿي ته اگهه به يقيني طور گهٽ ٿيندا. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿي سگهي ٿي، پهرين آڪٽوبر تي پيٽرول جي اگهه جي حوالي سان عوام کي خوشخبري ڏينداسين.