ڪراچي: اطلاعات کاتي جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي عوامي آواز جي رپورٽر تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺندي واضع اعلان ڪيو ته ڪو وڏيرو يا بااثر ڪيترو به بااثر هجي پر اهو رياست کان سگهارو نه ٿي سگهي، جيڪڏهن رياست مظلوم سان گڏ نه آهي ته پوءِ ان کي رياست چورائڻ جو حق ناهي. هن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل کانپوءِ مسلسل رابطي ۾ آهيان، وڏي وزير کي به معاملي کان آگاهه ڪيو آهي، ان دوران عوامي آواز پاران پني عاقل ۾ رپورٽر رستم انڍڙ تي بااثر پاران تشدد جو معاملو وفاقي وزير آڏو اٿاريو ويو، جنهن تي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو ان معاملي تي وڏي وزير سان ڳالهائيندو، ڇاڪاڻ ته اهو به جسٽس ئي آهي، ان سان انصاف لاءِ ڳالهائيان ٿو.