گيس واهپيدارن لاءِ خوشخبري، اوگرا وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گيس جي اگهن ۾ سراسري طور 8 سيڪڙو تائين لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اوگرا فيصلو منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، سوئي گيس ڪمپنين اگهن ۾ 28.62 سيڪڙو تائين واڌ گهري هئي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سوئي سدرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ سراسري طور 8 سيڪڙو ۽ سوئي ناردرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ سراسري طور 3 سيڪڙو لاٿ جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائيءَ موجب اوگرا هلندڙ مالي سال گيس ڪمپنين جي روينيو ضرورتن تحت فيصلو ڪيو، ايس اين جي پي ايل لاءِ گيس جي قيمت 1804.08 رپيا ۽ ايس ايس جي سي لاءِ گيس جي قيمت 1549.41 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايس ايس جي سي گيس جي قيمت ۾ 22 سيڪڙو واڌ ۽ سوئي ناردرن 28.62 سيڪڙو واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
اوگرا پڌرائيءَ موجب گيس ڪمپنين جي خرچن ۽ آمدني کي بهتر بڻائي طلب جو نئين سر پتو لڳايو ويو، پي ايل ايل جي ملتوي ٿيل ڪارگو جو اثر واهپيدارن جي فائدي ۾ شامل ڪيو ويو.
اوگرا ڪابينا جي فيصلي موجب ايس اين جي پي ايل جا 13 ارب 56 ڪروڙ 50 لک رپيا ۽ ايس ايس جي سي ايل جا 47 ارب 31 ڪروڙ 50 لک رپيا ايڊجسٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
اوگرا چيو آهي ته ڪيٽيگري ۽ گيس اگهن لاءِ وفاقي حڪومت کان مشاورت طلب ڪئي وئي آهي، نون اگهن جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، ان وقت تائين موجوده ڪيٽيگري ۽ گيس اگهه برقرار رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.