¨ بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ”آخري واردات“ ۾ پنهنجي پاران لکيو آهي ته ”مون پنهنجي ڪيريئر ۾ فقط 52 ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪڏهن مقصد ڪهاڻين جو تعداد وڌائڻ هجي ها ته پنجاهه سالن ۾ آئون ٻه ٽي سئو ڪهاڻيون آرام سان لکي پئي سگهيس پر مون فقط ان موضوع تي قلم کنيو جنهن مونکي متاثر ڪيو ۽ لکڻ تي مجبور ڪيو“.
¨ پر منهنجي نظر ۾ حقيقت اڃان به ڪا ٻي آهي، اصل ۾ بادل جمالي صاحب ايڏو ته حساس ۽ دردمند ڪهاڻيڪار آهي جو هو ڪهاڻيون لکندي انهن جي جي روح ۾ لهي ويندو آهي ۽ ڪردارن جي دردن جي پاتال ۾ پاڻ به ٻڏي ويندو آهي جنهن ڪري سندس قلم مان ڪهاڻيون نه پر درد جون نديون وهي نڪرنديون آهن ۽ پوءِ هو سڏڪا ڀريندي ڀريندي روئندي روئندي وڏي مشڪل سان ڪهاڻين کي وڃي پورو ڪندو آهي. اهو درد ۽ اها پيڙا ئي اصل ۾ سندس ڪهاڻين جي رفتار ۽ تعداد ۾ رنڊڪ آهن. مون بادل جمالي صاحب کي هڪ ڀيرو ئي ڪهاڻي پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ۽ اُها ڪهاڻي پڙهندي هو سڏڪا به ڀري رهيو هو ته پنهنجن ڳوڙهن کي اندر ئي اندر پي به رهيو هو.
¨ ڪهاڻي لکڻ بادل جمالي لاءِ ان تي سر ڏيڻ جي برابر هوندو آهي. راءِ ڏياچ ته سُر تي هڪ ڀيرو ئي سِرُ ڏنو هو پر بادل جمالي کي هر هڪ ڪهاڻيءَ تي سر ڏيڻو پوندو آهي. اهڙي صورت ۾ هي ٻه ۽ ٽي سئو ڪهاڻيون ڀلا ڪيئن لکي سگهندو.!
¨ باقي ڪهاڻيون لکڻ ته بادل جمالي صاحب لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي. هي لکڻ تي اچي ته ناول جيتري هڪ هڪ ڪهاڻي لکڻ جي ڪمال جي اسٽيمنا اٿس ڇو ته بقول سندس ته ”ڪهاڻي سان کيس عشق آهي سو عشق کان اهو ڪئين ٿو منهن موڙي سگهي پر مسئلو بادل جمالي سان اهو آهي ته ڪهاڻي وارو اهو عشق کيس ڀڃي ڀورا به ڪري ڇڏيندو آهي، جيئري کيس ماري ڇڏيندو آهي.
¨ انور پيرزادي صاحب، بادل جمالي جي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکيو هو ته ”بادل جمالي ڪهاڻي پڙهندو آهي ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڌرتي جي ان ٽڪري تي جنهن کي هو ڪئنواس بڻائي ڪهاڻي جا عڪس چٽيندو آهي، هڪ تمام وڏي ۽ طاقتور خوردبيني لڳل آهي ۽ پڙهندو يا ٻڌندڙ ان ٽڪري تي چرندڙ ننڍڙي ڪول کي به چٽي طرح ڏسي رهيو آهي. اها واقعي به حقيقت آهي. اسڪرپٽ ۽ اکرن توڙي جملن کي فلمن وانگر هلندي ڏيکارڻ واري ان صلاحيت جو سبب اهو آهي ته هي ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ فطري طور ڊراما پروڊيوسر به رهيو آهي.
¨ بادل جمالي جي ڪهاڻين جي مونکي اها به خوبي نظر ايندي آهي ته سندس ڪهاڻيون ۽ انهن ڪهاڻين ۾ اوتيل لفظ ۽ جملا پڙهندڙ کي چقمق وانگر چنبڙائي هلائيندا آهن جو پڙهندڙ آخر تائين پاڻ کي ڪهاڻي سان چنبڙيل ئي محسوس ڪندو آهي.
¨ بادل جمالي حقيقت هڪ مڪمل ڪهاڻيڪار اهي، ڪهاڻي جون جيڪي به گهرجون آهن، تنهن ڪيميسٽري تي سائين جن کي وڏي مهارت حاصل آهي. ڪهاڻي جي موضوعن تي سندس گرفت، پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري، ٻولي، سماجي مشاهدا سڀ لاجواب ڪندڙ آهن پر سندس لکڻين ۾ ان کان علاوه به ڪا پراسرار ڪشش آهي جيڪا پڙهندي شدت سان محسوس ٿيندي آهي.
¨ اها پراسرار ڪشش ممڪن آهي ته سندس ڪهاڻين سان عشق جي حد تائين سلهاڙيل سچائي ۽ ڪمٽمينٽ جي هجي جيڪا ضروري ناهي ته هر ڪهاڻيڪار جي هجي جيڪا کيس سڏڪا به ڀرائيندي هجي ۽ روئاريندي به هجي.
¨ مون اها به شئي نوٽ ڪئي آهي ته بادل جمالي جي ڪهاڻين ۽ سندس فن تي جيترو به لکيو ويو آهي سو بادل جمالي جي هماليه جبل جيڏين قدآور ڪهاڻين جي معيار تائين رسي ناهي سگهيو، مطلب ته بادل جمالي جي ڪهاڻين سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته بادل جمالي جون ڪهاڻيون ئي پاڻ سان انصاف ڪري سگهن ٿيون. ٻئي ڪنهن جي ڀيڻي ناهي. بادل جمالي جي ڪهاڻين جو بهترين نقاد سندس ڪهاڻيون پاڻ ئي آهن.
(ملير پريس ڪلب رزاق آباد ۾ بادل جمالي جي ڪتاب ”آخري واردات“ جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل ليک).