سکر/لکي غلام شاهه(رپورٽ:آزاد مهر+ نديم جان مهر ) سکر جي بس ٽرمينل لڳ ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن سلينڊر ڦاٽڻ سبب اٺ زخمين مان چئن جي فوت ٿيڻ جا چوٻول، هڪ رڪشا ۽ ويگن به سڙي ويا، دڪان سميت بلڊنگ سيل، پوليس ڪاروائي کان بچڻ لاءِ سکر جي مختلف علائقن مان غير قانوني طور قائم ايل پي گئس سلينڊرن جا دڪان بند ٿي ويا، اٺ زخمين مان دڪان مالڪ جميل احمد لنڊ، دڪان مٿان ڪرائيدار فيملي جو ڏھ ورهين جو نينگر شھريار ڀيو، دڪان جي هڪ ملازم سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، بااھ واقعي بعد ڪالوني ۾ سوڳ واري صورتحال آھي چڪ واسي خاندان سان سکر ۾ ايل پي جي گيس سلينڊر فاٽڻ سبب زخمي ٿيل چڪ واسي نينگر ست سالا شھريار پٽ محمد اقبال ڀيو زخمن جا سور نه سهندي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو سندس زخمي ٿيل وڏي ڀاءُ اظهار علي ڀيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس مان ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي ته رستي ۾ فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته ستن ورهين جي فوتي نينگر جو مڙھ چڪ شهر جي قاضي محلي ۾ پهچڻ تي گهرم ۾ ڪهرام مچي ويو ويو ٻڌايو وڃي ٿو ته چڪ واسي خاندان گيس سلينڊر واري دوڪان مٿان مسواڙ تي رهندو هو پاڻي جي کوٽ ڪري ست ورهين جو نينگر شھريار ڀيو پاڻي ڀرڻ لاءِ هيٺ ويو ته ڌماڪو ٿيو جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي وڏو ڀاءُ 22 ورهين جو اظهار ڀيو پڻ زخمي ٿيو هو ياد رهي ته ساڳئي واقعي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جنهن مان سکر واسي جميل احمد ۽ نعيم پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آهن. فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو.