جي يو آءِ پاران سنڌ ۾ نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ ۽ عوامي جدوجهد جو اعلان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس عامله جو اهم اجلاس 12 ڪلاڪن تائين مسلسل جامعه اسلاميه لاڙڪاڻو ۾ جاري رهيو. جنهن ۾ جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد  محمود سومرو اجلاس کي اهم ايجنڊائن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جيڪب آباد کان ڪراچي تائين عوامي حقن جي لاءِ امن مارچ ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ عوامي مسئلن جي لاءِ فيصلائتي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو ويو ته امن مارچ عوام جي حقن جي تحريڪ آهي جنهن لاءِ هر صورت نڪرنداسين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نومبر جي آخر ۾ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ قومي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ اهم شخصيتون جميعت علماءِ اسلام ۾ شموليت جو اعلان ڪندا. اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري جي آخري هفتي ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جي تاريخي جو اعلان سٺو سنئوڻ آهي ڇاڪاڻ بروقت ۽ صاف چونڊون ڪرائڻ ئي مسئلن جو حل آهي، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي ضرورت آهي ته سنڌ جي عوام کي سنڌ تي مسلط مافيا مان نجات ڏياري هڪ گرينڊ الائنس جي ذريعي متبادل پليٽ فارم فراهم ڪيو وڃي جنهن ۾ سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن کي شامل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ جي ختمي لاءِ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪرڻ واري فيصلي تي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته رينجرز جي عارضي آپريشنن بجاءِ سنڌ پوليس کي اختيار ڏئي انهن کي جديد هٿيارن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف قرارداد پاس ڪندي ٺل ۾ ڌاڙي جي واردات نوجوان نوجوان حافظ معظم جي قتل جي پرزور مذمت ڪئي ۽ حڪومت کان قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت جي يو آءِ سنڌ جي قائم مقام امير مولانا محمد صالح الحداد ڪئي جڏهن ته ميزباني جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي امير ۽ جامعه اسلاميه جي مهتمم مولانا ناصر خالد محمود سومرو ڪئي. اجلاس ۾ مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا سراج احمد امروٽي، مولانا پير عبدالمجيد قريشي، مولانا ظهور احمد سومرو، مولانا مير محمد ميرڪ، عبدالڪريم عابد، اسلم غوري، مولانا سعود افضل هاليجوي، عبدالله سومراڻوي، عبدالمالڪ ٽالپر، تاج محمد ناهيون۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.