ڇا پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون؟

تحرير: راشد علي ڀرڳڙي 

ملڪ اندر ٿيندڙ خراب حالتن کي ڏسي ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي. اهو سياسي پارٽين جي غلط پاليسين ۽ انهن جي غلط فيصلن جي ڪري آهي.

جيڪڏهن انهن جا فيصلا درست هجن ها ته شايد اڄ ملڪ ۾  اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها ٻيو ملڪ جي اهڙي حالت ڪرڻ ۾ اسان جي ملڪ جي سياست جو وڏو هٿ رهيو آهي ڇو جو انهن جي ڇڪتاڻ جي ڪري ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ٿيو آهي.

ٻيو ته وري اسان جي ڪڻڪ جي کوٽ ٿي وئي آهي. جيڪا اسان ٻاهرين ملڪ کان گهرائي رهيا آهيون. هن وقت اسان وٽ زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ مسلسل گهٽجندڙ  نظر اچي رهي آهي. ڪڏهن وري اسان وٽ کاڌي جي شين ۾ کوٽ آهي. جئين ته هن وقت ملڪ اندر ڪڻڪ جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي.

پر پاڪستان ۾ زرعي پيداوار مسلسل گھٽ ٿيندي پئي وڃي. ان جو وڏو مسئلو اهو آهي جو اسان جي ڪينالن ۾ پاڻي جي کوٽ جو  هجڻ آهي. سنڌ اندر گذريل ڪجهه سالن کان وٺي پاڻي جي باري ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن پر ان تي ڪو عمل ٿي نه سگهيو آهي. ملڪ ۾ پاڻي لاءِ سڀ کان متاثر سنڌ صوبو ٿي رهيو آهي. سنڌ  پاڪستان جو  معيشت جو هڪ وڏو ٿنڀ آهي.

جيڪڏهن سنڌ جي زرعي زمينن کي پاڻي نه ملندو ته ان ۾ فصلن جي پيداوار ڪئين ٿيندي؟ سنڌ جي اندر ڪيتريون زمينون آهن جو اهي پاڻي وقت تي نه ملڻ ڪري آهي غيرآباد پيون آهن،

جڏهن ته اسان جو ملڪ 80 سيڪڙو زرعي پيداوار جي انڪم آهي. جڏهن ته اسان جي معيشت جو اڌ حصو زرعي پيداوار تي ڀاڙي ٿو.

پر اسان جا سياستدان ان تي ڪم ڪرڻ جي بدران ان ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪرائي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ  ڪري عوام کي هٿرادو قيميت هڻي عوامي کي شيون مهانگيون ڏين ٿا. جيڪڏهن ائين سلسلو هلندو رهيو ته ملڪ اندر کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو.

جيڪڏهن ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻو آهي ته ملڪ جي هڪ ته سياسي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن ملڪ جا سياستدان هڪ ٿي ويهندا ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهن ٿا. پر ان تي عمل ڪرڻ بدران اسان هن وقت آءِ ايم ايف جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا آهيون. جنهن مان پاڪستان جو نڪرڻ ته مشڪل آهي. ڇو جو اسان ڏينهنون ڏينهن آءِ ايم ايف جي ڄار مان نڪرڻ جي بدران ان ۾ وڌيڪ ڦاسندا پيا وڃون.

هن وقت آءِ ايم ايف جي نئين ۽ ڳري مهاهدي تي اسان جي روز مره جي زندگي ۾  استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن. اها هڪ سنگين صورتحال ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي وري اسان جي ملڪ سياسي ڇڪتاڻ جو انت نه اچي سگهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ عوام پيڙجي رهيو آهي.

ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جي سياستدان کي دوست ملڪن اها صلاح ڏني هئي ته جيستائين ملڪ ۾ سياست کي يقيني نه  بڻايو ويندو تيستائين ملڪ جي معيشت جو سڌارو ممڪن نه آهي.

ان وقت مجموعي طور تي ان ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري. اڄ عوام مهانگائي جي طوفان کي ڀوڳي رهيو آهي.  هن وقت سياستدان اليڪشن جي تيارين ۽ رڌل آهن ته ٻئي پاسي عوام مهانگائي خلاف احتجاج ڪري پيو. پوءِ به عوام کي ڪو به رليف نٿو ڏنو وڃي ان جو ڪارڻ اهو به  اسان جي سياستدانن آءِ ايم ايف جي مهاهدن تي هلن ٿا،

نگران حڪومت کي گهرجي ته عوام کي ڪجهه رليف فراهم ڪري جيڪي به روز مره زندگي استعمال ٿيندڙ شئين ته ٽيڪس لڳل آهن انهن کي  هٽائي عوام کي ڪجهه رليف ڏنو وڃي جيڪڏهن ائين هلندو رهيو اهو وقت به پري ناهي جڏهن عوام پنهنجي حقن لاءِ روڊن رستن تي اچي ويندو، ان عوام جي طوفان کي پو ڪير به روڪي نٿو سگهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.