ججن جي اڪثريت هڪ سياستدان جي غيرآئيني ڄار ۾ ڦاسي وئي: جسٽس منصور جو اختلافي نوٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي اڪثريت راءِ سان اختلاف  ڪندي سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ فيصلي ۾ چيو آهي ته پارلياماني جمهوريت جي اهميت ۽ آئين جي  ٽنهي ٿنڀن وچ ۾ اختيارن جي ورڇ جو آهي.هن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته پارليامينٽ کي قانون ٺاهڻ جو اختيار آهي، پارليامينٽ ئي پنهنجي ٺاهيل قانونن ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي. ڪيس ۾ سوال غير قانوني ترميمن جو نه پر پارليامينٽ جي بالادستي جو هو.جسٽس منصور پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته مون کي گذريل رات ججن جي اڪثريت جو فيصلو مليو. مان هن فيصلي سان متفق نه آهيان.هن لکيو ته وقت جي کوٽ سبب پنهنجو تفصيلي موقف بعد ۾ جاري ڪندس. مان وضاحت ڪندس ته مان هن فيصلي سان ڇو متفق نه آهيان.اختلافي نوٽ موجب، ”منهنجي عاجزاڻي راءِ آهي ته هن ڪيس ۾ بنيادي سوال هڪ طرفي ترميم جو نه آهي، سپريم ڪورٽ آڏو سوال نيب قانونن ۾ غلط ترميمن جو نه پر 24 ڪروڙ عوام جي  چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي جو آهي..سندس چوڻ هو ته اڪثريتي فيصلي ۾ آئين جي واضح شق کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته رياست پنهنجا اختيار چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ڪندي ۽ اڪثريتي فيصلي آئين جي ٽن ٿنڀن (پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه)وچ ۾ اختيارن جي ورڇ جهڙي پارلياماني جمهوريت جي بنيادي اصول کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو، ججن جي اڪثريت پاڻ کي هڪ سياستدان جي اهڙي غيرآئيني ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جنهن تحت پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون جي مقصد۽ پاليسي تي ٿيندڙ سياسي بحث کي عدالتي ڪمري ۾ گهليو ويو جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ هو ته اڪثريت وارو فيصلو اهو به سمجهڻ ۾ ناڪام آهي ته پارليامينٽ جيڪو قانون ٺاهي سگهي ٿي ان کي به ختم ڪري سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان پارليامينٽ جو اختيار لامحدود آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ نيب قانون ٺاهي سگهي ٿي ته ان کي مڪمل طور ختم به ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.