نميره سليم سمورين عورتن لاءِ رول ماڊل آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه  ڪيو. نميره سليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.