2013ع ۾ پاشا،افتخار چوڌري ۽ هڪ سياسي جماعت سازش ڪري پ پ کي پنجاب مان ڪڍيو: بلاول

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ جي نيب ترميمن بابت فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ مان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي،  سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس جي پڄاڻي تي پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب اسان لاءِ ڪا نئين شيءِ ناهي، نيب هڪ آمر طرفان جوڙيل ادارو آهي اِهو بند ٿيڻ گهرجي ۽ احتساب بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي.ان فيصلي سان اسان کي ڪو فرق نه پوندو.سندس چوڻ هو ته افتخار چوڌري کانپوءِ جيڪي به جج آيا انهن جي ڪارڪردگي تي تاريخ فيصلو ڪندي، وڪيلن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ افتخار چوڌري طرفان بحال ڪيل ججن مان عمر عطا بنديال آخري جج هو،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي چونڊن جي تاريخ کانپوءِ مناسب وقت تي سامهون رکنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي، اسان عوامي خدمتن جو جذبو رکون ٿا، انڪري ڪڏهن به مايوس ناهيون ٿيندا.بلاول واضح ڪيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت اسان کي هڪ سياسي جماعت سان آهي، انشاءَالله سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ته پوءِ سمورا معاملا اوهان جي آڏو رکندس.هن چيو ته اسان جون چونڊن ۽ ٻين معاملن تي شڪايتون آهن اهي ختم ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻول سان حل ڪرڻ جي ذميواري سي اي سي آصف زرداري کي ڏني آهي، باقي چونڊن جي حوالي سان اسان جا مطالبا سڀني جي سامهون آهن.بلاول چيو ته 9 مئي کان پهريان پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ جو حامي هيس ۽ چونڊن جي تاريخ تي اتفاق لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪاش اسان جي جيڪا ڪوشش هئي ڪامياب ٿئي ۽ اهوئي سمورين سياسي ڌريون ۽ جمهوريت لاءِ بهتر ٿئي ها، پر پي ٽي آءِ جي ڪجهه ماڻهن 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس سميت عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جو پلان بڻايو،هن وڌيڪ چيو ته پ پ رڳو انهن سياستدانن سان ڳالهيون ڪندي جيڪي 9 مئي ۾ ملوث نه هئا، 9 مئي جو واقعو ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ وارو هو ۽ هاڻي اِهو سياسي يا انتظامي طور جيئن حل ڪرڻو آهي ڪيو وڃي، هن واضح ڪيو ته ڳالهين لاءِ سمورين غير عسڪري سياسي تنظيمن لاءِ پ پ جا دروازا کُليل آهن.هن چيو ته ڪنهن کي اها غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي پاڻ کي هڪ صوبي تائين محدود سمجهي ٿي، پنجاب اهو صوبو آهي جتي پيپلز پارٽي پيدا ٿي، 2013 ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) پاشا، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ هڪ سياسي پارٽي سازش ڪئي. آر او اليڪشن ڪرائي هن پيپلز پارٽي کي پنجاب مان نيڪالي ڏني، بعد ۾ پاڻ به پ پ جي پنجاب مان نڪرڻ جو نقصان پاڻ برداشت ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ اتحادي بابت چيو وڃي ٿو ته اهي جڏهن مشڪل ۾ هوندا آهن ته پيرن تي هٿ رکندا آهن، جڏهن مشڪل ۾ نه هوندا آهن ته ڳچي پڪڙيندا آهن، جيڪي بهانا راڻا ثناءُ الله ڏئي رهيو آهي ان تي ڪهڙي راءِ ڏيان؟هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ جنرل فيض، چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ هڪ سياسي جماعت جو ڳٺ جوڙ هو ۽ پيپلز پارٽي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.