ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي ثقافت، راندين، محنت ۽ انساني وسيلن واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل کاتن جي گاڏين جا تفصيل جمع ڪرايا وڃن، جڏهن ته ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص وٽ سرڪاري گاڏي هئڻ جي صورت ۾ ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سيڪريٽري ثقافت، سيڪريٽري اسپورٽس ۽ سيڪريٽري ليبر اينڊ هيومن ريسورسز کان سمورن سرڪاري گاڏين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ هدايت ڪئي آهي ته سمورن فعال ۽ غير فعال سرڪاري گاڏين ۽ آفيسرن جي استحقاق جي حوالي سان پڻ تفصيل پيش ڪيا وڃن جڏهن ته استحقاق نه هئڻ جي باوجود سرڪاري گاڏيون رکڻ وارن آفيسرن ۽ ملازمن کان پڻ گاڏيون واپس ڪرايون وڃن. سيد جنيد علي شاهه پنهنجي هدايتن ۾ اهو به واضح ڪيو آهي ته ثقافت، راندين ۽ محنت ۽ انساني وسيلن وارن کاتن جون سرڪاري گاڏيون جيڪڏهن ڪنهن غير لاڳاپيل شخص وٽ آهن ته اهي گاڏيون به هر صورت ۾ کاتن کي واپس ڪيون وڃن.