اسلام آباد(م ڊ) قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) جي نجڪاري جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس جي اندورني ڪهاني سامهون اچي وئي.پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان جيڪو ڪم چونڊيل وزيراعظم نه ڪري سگهيا اهو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب، پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو ٿيندي ئي بئنڪن پي آءِ اي لاءِ قرض منظور ڪري ورتو، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري ضروري آهي.