ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، ڊائريڪٽر ڪراچي زون عبدالسلام شيخ جي هدايت تي حوالا هنڊي ۽ ڪرنسي جي غير قانوني مٽا سٽا ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ترجمان ايف آءِ اي موجب ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل رابعه قريشي جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪري هنڊي ۽ ڪرنسي جي غير قانوني مٽا سٽا ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جوابدار سمير بغير لائسنس مني چينجر ۽ ريفرنس هينڊي جو ڪاروبار هلائيندو هو. جوابدار کي ڪراچي جي دهلي ڪالوني مان ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو ويو. ڇاپي دوران جوابدارن وٽان 70 هزار آمريڪي ڊالر هٿ ڪيا ويا، جوابدار جي موبائيل فون مان هنڊي ريفرنس سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي رسيدون ۽ پيغام پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.