سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي آپريشن ڪيو وڃي: محنتي

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي بدترين  صورتحال، ٽارگٽ ڪلنگ، ڀُنگ لاءِ اغوا، اسٽريٽ ڪرائم، جنسي هراساني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نگران سرڪار سياسي مصلحتن کان بالاتر ٿي ڪري ڌاڙيل راڄ ۽ ڏوهارين خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪري سنڌ جي عوام کي نجات ڏياري، ڀُنگ لاءِ اغوا ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو سُک جو ساه کڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز سان ملاقات بعد  صوبائي دفتر قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، محمد مسلم، آفتاب ملڪ ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي گهرو وزير برگيڊئير (ر) حارث نواز سان ملاقات مثبت رهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.