ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ اسرايونيورسٽي حيدرآباد ڪيمپس ۾ وائيس چانسلر جي مقرري واري ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي وائس چانسلر ۽ رجسٽرڊ اسرا يونيورسٽي جون اپيلون رد ڪري ڇڏيو، سنگل بئنچ جو 15آگسٽ 2023ع وارو فيصلو برقرار رکيو ويو، عدالت وي سي نذير اشرف لغاري کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته چئن مهينن جي اندر يونيورسٽي جو چانسلر مقررڪيو وڃي، وائيس چانسلر جي غيرموجودگي ۾ مبتادل انتظام ڪيو وڃي، نذير اشرف لغاري جي 3سال وارو مدو 23جون 2023ع جو ختم ٿي ويو، عدالت چيو ته نذير اشرف لغاري ان ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته هو ٽن سالن جي لاءِ مقرر ٿيو هو، نذير اشرف لغاري وائيس چانسلر جي مقرري تائين فرض ادا ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.