درنا (م ڊ) ليبيا ۾ ٻوڏ بعد بدترين تباهي آئي آهي، 11 هزار 300 ماڻهو فوت ٿي ويا، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿي ويا آهن، ليبيا جي شهر درنا ۾ بحيره روم کان ايندڙ سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ٻوڏ بعد بدترين تباهي جاري آهي، مارجي ويلن جو انگ 11 هزار 300 ٿي ويو، جڏهن ته 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن، غيرملڪي ميڊيا رپورٽس موجب ليبيا ۾ تازي ٻوڏ بعد مارجي ويلن جو انگ 11 هزار 300 ٿي ويو آهي، 3 هزار لاشن جي اجتماعي قبرن ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، گڏيل قومن جي طرفان ليبيا ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ 71 ملين ڊالر هنگامي امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي، عالمي موسمياتي تنظيم جو چوڻ آهي ته ليبيا ۾ موسميات کاتو فعال هجي ها ته ايتري وڏي تباهي کان بچي سگهجي ها، ان کانسواءِ ليبيا جي پارليامينٽ ٻوڏ جي تباههڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ تقريبن 2 ارب ڊالرز جي هنگامي بجيٽ به منظور ڪري ورتي آهي.