سامارو (ن ع آ) ساماري ۾ مهراڻ گرامر پبلڪ اسڪول جي استاد پاران اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي کي جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي رهواسين جي پهچڻ تي استاد فرار ٿي ويو، عبدالواحد رهواسي ڪالوني ۾ قائم هڪ اداري جي سهڪار سان هلندڙ مهراڻ گرامر پبليڪ اسڪول جي استاد ( ص ) پاران اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي ( ڪ ) کي مبينا ورغلائي وٺي شھر ويجهو ڍوري ڀرسان جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي آسپاس جا رهواسي پهچڻ تي استاد فرار ٿي ويو، سامارو جي اسڪولي شاگردياڻي جي والدين ۽ شھرين پاران استاد جي ڪريل حرڪت جي واقعي جي مذمت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان جانچ ڪري ملوث خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آھي.