ڏهرڪي (ت ر) جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي طرفان 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ اعلانيل ريلي جي ڪاميابي لاءِ جسقم سينيئر اڳواڻ محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گهوٽڪي ضلع ۾ رابطا مهم لاءِ پهتو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي گهوٽڪي پهچڻ تي جسقم ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گهوٽڪي ضلع ۾ ضلع جي ننڍن وڏن شهرن گهوٽڪي سرحد ميرپورماٿيلو ڏھرڪي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري دعوتون ڏنيون ، گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو چيو ته سنڌ هن وقت ڏکئي دور ۾ گذري رهي آهي سنڌي ماڻهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ سرڪار 15 سال اقتدار ۾ سنڌ جي ڦر لٽ ۽ ڀينگ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي ۽ ڊيجيٽل آدمشماري ۾ ٿورائي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڌارين کي وڏي اننگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن چيو سنڌ ۾ غيرقانوني جي صورتحال آهي چورن کي چوري ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ڌاڙيلن کي ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت آهي پر پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن مٿان گوليون هڻي انهن کان احتجاج ڪرڻ جو حق کسيو ويو آهي.