ڌاڙيلن مغوي نديم ملڪ جي ٻيهر تشدد واري وڊيو جاري ڪري ڇڏي

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوھارين جي رٽ مضبوط ٿي وئي، پوليس جي رٽ ڪمزور ، ڏوھارين مغوي  نديم ملڪ جي مٿان بي رحماڻو تشدد ڪندي سوشل ميڊيا تي ٻيهر وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مغوي ايس ايس پي ڪشمور روحيل کوسو ۽ وارثن کان آزادي جون التجائون ڪندو رھي، مغوي جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران ھڪ دفعو ٻيهر 12 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيا ويا آهن، مغوي جي وارثن دانھيندي چيو آهي ته اسين غريب آھيون، اسان جي نوجوان کي 10 ڏينهن گذري ويا آهن، اسان جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ گهر ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي اسان کي ايس ايس پي ڪشمور مير روحل کوسو يقين ڏياريو آهي ته اوھان جو مغوي جلد بازياب ڪرايو ويندو ڌاڙيل اسان کي بار بار تنگ ڪري رھيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.