ڪالاباغ ڊيم سنڌ جو وجود ميسارڻ جو منصوبو آهي: لال جروار

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر   حورالنساء پليجو، قادر رانٽو، گهنور زنئور پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته گورنر پنجاب بليغ الرحمان ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي وجود ميسارڻ جو منصوبو آهي، گورنر پنجاب اهڙي مطالبي تي سنڌي قوم کان معافي وٺي، پنجاب ناجائز طور تي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، ڊيمن، ڪئنالن ۽ بئراجن وسيلي ڏيڍ صدي کان پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال فيز ون ۽ ٽو، جلالپور ڪئنال، حاصل پور بئراج، تونسا ۽ چشما جھلم لنڪ ڪئنال سنڌ جي حق مٿان ڌاڙو آهن، سنڌي عوام کي سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڊيم ۽ ڪئنال قبول ناهي، هنن چيو ته ملڪ جي موجوده نگران حڪومت کي آڻيندڙن سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب جي زمينن، وسيلن ۽ معدنيات کي وڪڻڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، ملڪي ادارا وڪڻي ملڪ کي وڌيڪ معاشي تباهي ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي سي آءِ مان آدمشماري نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي، بوگس آدمشماري، سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شھر ۾ هزارين سنڌياڻين ۽ مردن جي عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.