اسلام آباد(م ڊ)قومي احتساب بيورو (نيب) جي اڳوڻن پراسيڪيوٽرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. اڳوڻي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل راجا عامر عباس چيو ته سڀ کان وڌيڪ ترميمون پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن پنهنجي فائدي لاءِ ڪيون، 50 ڪروڙ کان به گهٽ ڪرپشن، بي نامي جائيداد ۽ مني لانڊرنگ نيب جي دائري مان ڪڍي وئي، ان کي ٽوٿ ليس ٽائيگر بڻايو ويو هو.راجا عامر عباس چيو ته اهي ترميمون قومي مصالحتي آرڊيننس (اين آر او) 2 هيون جنهن کي سپريم ڪورٽ مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب ذوالفقار ڀٽي چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ پنهنجي مفاد لاءِ قانون سازي جي گنجائش ناهي.