اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال رٽائر مينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ويندي ويندي به عمران خان سان وفاداري جو ثبوت ڏئي ويو ۽ سال اڳ جن ماڻهن بئنچ جڙڻ شرط ٻڌايو هو ته اها بئنچ ڪهڙو فيصلو ڏيندي انهن جي اڳڪٿي درست ثابت ٿي، ڇوته انهن جيڪو فيصلو ٻڌايو هو اهوئي فيصلو بئنچ ٻڌايو آهي، نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارا وڏيون خوشيون ملهائي رهياآهن پر کانئن اهو وسري ويو آهي ته فيصلو حتمي نه آهي، اٽارني جنرل جي آفيس ذريعن ڄاڻايو آهي ته فيصلي خلاف 30 ڏينهن اندر نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو حق آهي ۽ ان ڏس ۾ جائزو وٺي نظرثاني درخواست داخل ڪئي ويندي، مزي جي ڳالهه تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال اڄ رٽائر ٿي ويو ، هاڻي ڪهڙي بئنچ جڙندي ، اها ڪهڙو فيصلو ڏيندي اها ايندڙ وقت ۾ خبر پئجي ويندي ان ڪري فيصلي تي جهمريون هڻڻ وقت جو ذيان آهي