سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمون رد، سياستدانن خلاف ڪرپشن ڪيس بحال

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نيب ترميمن خلاف داخل درخواست تي ڪيترن ئي شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف  پاڪستان عمر عطا بنديال پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن تي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي ميمبر جسٽس منصور علي شاهه فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمن خلاف داخل درخواست کي قابل قبول قرار ڏنو ويو آهي، نيب جي دائري مان 500 ملين تائين جا ريفرنس خارج ڪرڻ جي شق کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سروس آف پاڪستان خلاف ريفرنس کي برقرار رکيو ويو آهي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عوامي عهدن تي ويٺل سمورن ماڻهن جا ڪيس بحال ڪيا وڃن، عوامي عهدن تي ريفرنس جي خاتمي بابت نيب  ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو،نيب ترميمن  جي سيڪشن 10 ۽ سيڪشن 14 جي پهرين ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو عدالت 50 ڪروڙ رپين جي حد کان هيٺ بند ٿيل سمورا ڪيس بحال ڪري ڇڏيا، عدالت چيو ته بند ڪيل سموريون انڪوائريون، ڪيس ٻيهر بحال ڪيا وڃن ٿا، سمورا ڪيس نيب ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻيهر مقرر ڪيا وڃن.سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي 10 مان 9 ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت نيب کي حڪم ڏنو آهي ته سمورو رڪارڊ 7 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالتن کي موڪليو وڃي.عدالت چيو ته پلي بارگين بابت نيب جي ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، نيب ترميمن جي روشني ۾ احتساب عدالتن جا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب ترميمن سان عوامي مفادن جي آئين ۾ ڏنل حق متاثر ٿيا آهن، نيب ترميمن تحت بند ڪيل سموريون انڪوائريون بحال ڪيون وڃن.سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نيب چيئرمين جو 4 سالن جو مدو به بحال ڪيو ويو، نيب ترميمن ۾ نيب چيئرمين جو مدو گهٽائي 3 سال ڪيو ويوهو،

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ 6 اڳوڻن وزيراعظمن  خلاف ڪيس ٻيهر کوليا ويا.سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خاني ريفرنس بحال ٿي ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ايل اين جي ريفرنس احتساب عدالت مان منتقل ڪيو ويو ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ريفرنس به واپس ورتو ويو، جيڪو هاڻي بحال ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف به ڪيس ٻيهر کوليا ويندا،شوڪت ترين خلاف ڪيس کلي ويو، سليم مانڊوي والا خلاف ڪڊني هل ريفرنس ۽ اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس به احتساب عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.خواجه سعد رفيق، خواجا سلمان رفيق، عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد جا ڪيس به بحال ٿي ويندا.مراد علي شاهه خلاف به ڪيس بحال ٿي ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.