راولپندي(م ڊ) ولي تنگي ڪوئٽه ويجهو دهشتگردن پاران سڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو ويو ،دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج جي صوبيدار قيصر رحيم دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيو، جڏهن ته هڪ سپاهي زخمي ٿي پيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج پر عزم آهي، بهادر سپاهين جون قربانيون ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، هوڏانهن گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو ته دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ملڪ مان دهشتگردن جو خاتمو ڪري دم پٽينداسين