غيرقانوني افغاني برداشت نه ڪبا،اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف آپريشن جاري رهندو: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جيتري وقت جي لاءِ رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪنداسين، چونڊن جي تاريخ نگران وزيراعظم نٿو ڏئي سگهي،  انتظامي مداخلت جي ذريعي عوام کي جيڪو به ريليف ڏئي سگهون ٿا ضرور ڏينداسين ۽ ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو، ڪرنسيءَ جي غيرقانوني صنعت جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، اسمگلنگ جي حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي، ذميوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهيا آهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايپڪس ڪميٽين کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ميڊيا تي پابندي جو تاثر صحيح نه آهي، بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته موجوده مالياتي بحران ۾ مهانگائي، منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن جي هٿان پيڙهيل عوام کي انتظامي مداخلت جي ذريعي جيڪو به رليف ممڪن ٿيندو، ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ حڪومتي قدم نظر ايندا. نگران وزيراعظم نگران ڪابينا ۾ فواد حسن فواد ۽ احد چيما جي شموليت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اهي سٺا آفيسر رهيا آهن، ڪنهن به سياسي پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار ناهن رهيا. نگران وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پرائيس ڪنٽرول ڪميٽين جي مڪينزم کي بحال ڪيو ويو آهي، هن چيو ته نگران حڪومت بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائيندي هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي، ذخيره اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.