جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام، يورپي يونين ايران تي ٻيهر پابنديون مڙهي ڇڏيون

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ايران تي جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي جا الزام هڻندي ٻيهر پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.
يورپي يونين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پابندين جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته ايران طرفان جوهري معاهدي جي لڳاتار ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پابنديون مڙهيون ويون آهن، جن تحت ايران جي مرڪزي بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن.
يورپي يونين چيو آهي ته مخصوص ايراني عملدارن تي سفري پابنديون به لاڳو ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ايران جي ڪچي تيل جي خريداري ۽ ترسيل، سون ۽ ڪجهه سامونڊي سامان جي وڪري تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
يورپي يونين جي موجب، پابندين باوجود ايران سان سفارتي ڳالهين لاءِ دروازو اڃا به کليل آهي.
واضح رهي ته 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ 2015ع جي جوهري معاهدي تحت ايران کي ڏنل پابندين ۾ نرمي جي مدي ۾ واڌ جو ٺهراءُ منظور نه ٿي سگهيو هو، جنهن بعد 2015ع جي جوهري معاهدي تحت ايران تان هٽايل پابنديون ٻيهر لاڳو ٿي ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.