لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي آل رائونڊر ڪرس ووڪس انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرس ووڪس انگلينڊ لاءِ کيڏندي 62 ٽيسٽ ميچن ۾ 2034 رنسون ٺاهيون ۽ 192 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪرس ووڪس 121 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ 1524 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سندس وڪيٽن جو انگ173 رهيو.
انگلش آل رائونڊر 33 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 147 رنسون ٺاهيون ۽ 31 شڪار ڪيا.
ڪرس ووڪس جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ مون لاءِ هميشه متاثر ڪندڙ رهيو آهي، 15 سالن دوران انگلينڊ ڪرڪيٽ ۽ ساٿين سان گهاريل تي فخر آهي.
You might also like