وزيراعظم جي جهاز ۾ شمع جوڻيجو کي ڪنهن ويهاريو؟گڏيل قومن ۾ نمائندگي جي منظوري ڪنهن ڏني؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي عمر دراز گوندل لکيو آهي ته اطلاعن موجب، اقوام متحده ويندڙ وفد ۾ هڪ مخصوص خاتون جي شرڪت تي ردعمل کان پوءِ، ان عورت کي آمريڪا کان لنڊن واپسيءَ تي وزيراعظم جي استعمال هيٺ ايئر فورس ون جهاز ۾ ويهڻ کان روڪيو ويو، اعليٰ سطحي تحقيقات جي به دعويٰ ڪئي پئي  وڃي، پر بنيادي سوالن جا جواب اڃا تائين وزيراعظم آفيس، پرڏيهي وزارت يا اقوام متحده ۾ پاڪستان جو مستقل مشن نٿا ڏئي سگهن،وزيراعظم جي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ ڪلئيرنس آخر ڪنهن ڏني؟برطانوي شهري کي سرڪاري خفيه فائلن تائين رسائي ڪيئن ملي؟اقوام متحده جهڙي وڏي فورم تي نمائندگي ۽ وفد جو بئج ڏيڻ جي منظوري ڪير ڏني، جنهن سان کيس هال تائين رسائي ملي؟وضاحتن سان معاملو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ اُلجهي ۽ بگڙي ويو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.