عدالت منهنجو ڪيس نيب ڏانهن نه موڪليو هو: اسحاق ڊار

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته عدالت منهنجي خلاف ڪيس واپس قومي احتساب بيورو (نيب) ڏانهن نه موڪليو.نجي  ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته منهنجو ڪيس عدالت بند ڪيو، جيڪڏهن نيب ترميمي قانون نه اچي ها ته عدالت کي ميرٽ تي بري ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته واجد ضياءَ لکيو هو ته ان ڪيس ۾ اسحاق ڊار خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آهن.

نگران وزيراعظم خلاف جاچ ميرٽ تي بند ڪئي وئي: نيب اختياريون

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي اختيارين جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ خلاف جاچ ميرٽ تي   ختم ڪئي وئي.نيب اختيارين اهڙو بيان  سپريم ڪورٽ پاران نيب جي ترميمن بابت ٻڌايل فيصلي جي حوالي سان جاري ڪيو آهي.نيب اختيارين موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خلاف داخل شڪايت جو نيب ترميمن سان ڪو به تعلق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.