ڪراچي، رينجرز جو ڇاپو، هڪ ارب رپين جي کنڊ هٿ

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون جي گُدامن ۾ ذخيرو ڪيل هڪ ارب رپين جي کنڊ برآمد ڪري ورتي، سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران پڪڙيل کنڊ جون هڪ لک 40 هزار ٻوريون ضبط ڪيون ويون آهن، کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران اسلام نگر بلديه ٽائون ڇاپو هنيو ويو، حب ريور روڊ تي واقع ٻن مختلف گدامن ۾ ڪارروائي دوران ذخيرو ڪيل وڏي مقدار ۾ کنڊ پڪڙي وئي، سنڌ رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته ذخيرو ڪيل کنڊ جا هڪ لک 40 هزار بيگ برآمد ڪيا ويا آهن، ضبط ڪيل کنڊ جي ماليت تقريبن هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي، هي کنڊ مبينا طور تي بلوچستان جي رستي افغانستان موڪلي وڃي ها، کنڊ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سنڌ رينجرز سول انتظاميا حوالي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.