ڪراچي ۾ فشر فوڪ فورم جو موسمياتي انصاف مارچ، ماحولياتي ايمرجنسي جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان  سعيد بلوچ، فاطمه مجيد، ياسر دريا، احمد شبر، لڊي نيڪپل جي اڳواڻي ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ 17 مارچ تي ” فوسل فيول جي خاتمي جي مارچ ” سان يڪجهتي لاءِ گورنر هائوس کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ” موسمياتي انصاف مارچ” جي هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مهاڻن مرد عورتن کان سواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن تقريرون ڪندي آمريڪا جي صدر بائيڊن کان مطالبو ڪيو ته هو فوسل فيول جي نئين منصوبي جي مخالفت ڪندي ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري فيصلاڪن قدم کڻي. هنن چيو ته دولت مند ملڪ ماحولياتي معاملن ۾ پنهنجي مالياتي ذميوارين کي پورو ڪن جيئن غير ترقياتي ملڪ، جيڪي ماحولياتي گدلاڻ ڦھلائڻ جا گهٽ ذميوار آهن، اهي به ماحولياتي تبديلين جو شڪار ٿي رهيا آهن، موسمياتي انصاف مارچ جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان يا ايشيا ۾ ڪٿي به تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي وڌيڪ استعمال کي روڪيو وڃي، عالمي گرميء جي تپش جي ٿيل اضافي ۾ 1.5 ڊگري کان گهٽ ڪرڻ جي پيرس معاهدي جو هدف پورو نه ڪرڻ انتهائي تشويش واري ڳالهه آهي ۽ هڪ پائيدار دنيا جي لاءِ سائنسي سفارشن جي ابتڙ ڪاربن ڪيچر، هائيڊروجن گئس جهڙي گئسن جي منتقلي جي ٻارڻ کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ياد رهي ته پاڪستان سميت 10 ايشيائي ملڪن ۾ 20 هزارن کان وڌيڪ ماحول دوست فرد موسمياتي انصاف مارچ ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.