رائونتي ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ خوفناڪ ٽڪر، صحافي جي زال سميت 8 ڄڻا فوت

رائونتي/ اوٻاوڙو  (رپورٽ : منير احمد شر/ عبدالحئي ڇڄڻ ) رائونتي ڀرسان گھوٽ صحافي حيدر مستوئي ۽ سندس خاندان سان خوفناڪ حادثو پيش آيو، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا موجب حيدر مستوئي جي ڪُنوار،  امڙ، 2 نوجوان ڀائرن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻٻرلوءِ جي نوجوان صحافي ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئي جي 3 ڏينھن اَڳ شادي ٿي هئي، صحافي حيدر مستوئي پنهنجي ڪُنوار، والده ۽ ٻين گھرڀاتين سميت ستاوڙي تي پَنھنجي اَباڻي ڳوٺ فيض مستوئي ڀرسان ماھي چوڪ پنجاب وڃي رھيو هو رائونتي ڀرسان ڪلٽس ڪار مزدا سان ٽَڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ حيدر جي ڪُنوار، امڙ، 2 نوجوان ڀائر 18 ورھين جو عُذير اَحمد، 24 ورھين جو نظام الدين ۽ مامو سُلطان اَحمد ۽ سئوٽن سميت 8 ڄڻا فوت ٿِي ويا، حادثي ۾ حيدر مستوئي پاڻ به زخمي ٿي پيو، صحافي کي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، عوامي آواز جي ٽيم موجب واقعو ايم، 5 موٽروي جي لوڪيشن 488  وٽ پيش آيو، ابتدائي ڄاڻ موجب حيدر مستوئي وارن جي ڪار پَنھنجي رَستي سان وڃي رَھي ھُئي ته سامُھون ويندڙ مزدا وارو اوچتو ٽرن ڪري سندن رَستي تي چَڙھي آيو ۽ ڪار وڏي اسپيڊ ۾ مزدا جي پويان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان صَحافي حيدر مستوئي زخمي آهي، حيدر  مستوئي جي ڪنوار ۽ امڙ سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، واقعي تي سڄي صحافي برادري ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي، واقعي تي اطلاع تي حيدر مستوئي جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.