ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي معدني وسيلن واري کاتي جي نگران وزير خدا بخش مري سنڌ کي پاڪستان جو امير ترين صوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته صوبي جا شهري غريب ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، سنڌ مان معدنيات ڳولي ڪڍي ويندي، ڪارونجهر کي تڪراري بڻائي مخالفت ڪندڙ ترقي جا دشمن آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ جتي به معدنيات آهي، ان کي ڪڍڻ چاهيون ٿا، ڪارونجهر جو به سروي ڪنداسين، اسان وٽ صرف ٿر نه آهي، پر بدين ٺٽو ۽ ڄامشورو به آهي، هن چيو ته اسان چور نه آهيون ميڊيا کي ڪارونجهر وٺي وينداسين، ڪارونجهر ۾ جتي به هيريٽيج هوندو ان کي هٿ به نه لڳايو ويندو، جيڪو مون کي ڪم مليو آهي اهو پورو ڪندس، هٿ تي هٿ رکي نه ويهندس، هن چيو ته اسان اچڻ سان ئي مثبت ڪوششون شروع ڪيون آهن، ملڪ ۾ ڪنهن به شي جي کوٽ نه آهي صرف اختلافن جي ڪري معاملا بهتر نه ٿي سگهيا هئا، هن چيو ته يونيورسٽيز جا جيڪا مدد گهري اها بنا معاوضي ملي وئي آهي، ايڪسپلوريشن لاءِ سمورن ضلعن ۾ ٽيمون موڪليون پيا، معدنيات جي نشاندهي بعد ڊرلنگ شروع ڪنداسين، ميڊيا کي گهرجي ته شعين کي سامهون آڻي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي نسلن جو معاملو آهي، هن چيو ته جيڪي معدنيات واريون شيون اسان ٻاهران گهرايون ٿا اهي ٺٽي ۽ ڄامشوري ۾ موجود آهن، سيليٽائٽ ڊولومائيٽ گرينائيٽ جپسم آهي، جيڪو وافر مقدار ۾ موجود آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه بگهڙن رياست سان غلط بياني ڪئي ۽ معدنيات نه ڪڍي وئي، منرلز جتان به نڪرندو اتي ئي خرچ ٿيندو، ووڪيشنل ٽريننگ به شروع ڪنداسين جئين مقامي ماڻهن کي به روزگار ملي سگهي.