عمر عطا بنديال ويندي ويندي نيب جي ترميمي قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي ڌڪ هڻي ويو

تحرير: غلام حسين لغاري

چيف جسٽس پاڪستان جناب جسٽس عمر عطا بنديال اڄ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي پر ويندي ويندي آخري ڌڪ هڻي ويو ۽  پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي سرپرائيز ڌئي ويو آهي جنهن کانپوءِ  ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف جي وطن واپسي وارو پروگرام ٻڏتر جو شڪار ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔هونئن به سندس واپسي وارو پروگرم شڪي هو جو کيس ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوي ها ۽ في الحال جيل وڃڻو پويس ها جيستائين عدالت ڪو کيس رليف ڏئي ها يا ضمانت کڻيس ها ۔

سپريم ڪورٽ ڪالهه پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي ان پٽيشن تي فيصلو ڏنو آهي جنهن ۾ هن قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل نيب تراميمي قانونن جي خلاف داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته قومي اسيمبليءَ جيڪو ترميمي بل پاس ڪيو آهي اها بدنيتي تي ٻڌل ۽  مخصوص طبقي جي ماڻهن کي غير قانوني غير آئيني فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ انهن پنهنجا نيب ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ سزائن کان بچڻ خاطر نيب مخالف ترميم  پاس ڪرائي آهي۔

هي ڪيس جيڪو سال کن هلندو رهيو انجو پنجين سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪري ڪالهه ٻڌايو ويو، جيڪو هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ججن متفقه طور ڏنو ۽ هڪ جج جسٽس منصور علي شاهه پنهنجو مخالفتي نوٽ ڏنو آهي۔  هن پٽيشن تي آيل فيصلي جو اثر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، موجوده نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، اڳوڻن وزيراعظمن شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار  ۽ ٻين تي پوندو جن جا ڪيس ٻيهر کلندا ۽ نيب کين ترميم هيٺ الزامن کان آجو ڪري ڇڏيو هو ۔ميان محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جا توشه خانا وارا ڪيس به کلندا جن به پاڻ کي آجو ڪرايو.

هنن ڪيسن جي سموري معلومات سپريم ڪورٽ کي مهيا ٿي چڪي آهي وڌيڪ گهربل آهي اها به ستن ڏينهن ۾ گهرائي وئي آهي۔

وڏي ڳالهه اها به آهي ته پٽيشن جي فيصلي اچڻ کان ڏينهن اڌ اڳ نيب جي ڊپٽي چيئرمن ۽ اٽارني استعيفائون ڏئي هليا ويا آهن۔هن فيصلي اچڻ کانپوءِ  پنجاهه ڪروڙن تائين وارا ڪيس به کلندا ۽ سزا هيٺ اچي سگهندا. قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل اهڙي قانون کانپوءِ  هر سرڪاري ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳو ۽ ڪرپشن جو نئون در کلندي نظر آيو عوامي حلقن به اهڙي ترميم تي پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا هئا۔ نيب قانونن ۾ ترميم لاءِ  انوقت جي پي ڊي ايم حڪومت جلدي ۽ اٻهرائي کان ڪم ورتو هو جو اسيمبلي ۾ مخالف ڌر موجود نه هئي ۽ ان جي ذميوار خود پي ٽي آءِ حڪومت به هئي جنهن جلد بازي کان ڪم ورتو اسيمبلين مان استعفائون ڏنيون هيون جنهن ڪري به قومي اسيمبلي وقت به وقت تڪراري بل پئي پاس ڪيا۔اها حد رهي جو عدالتن جا حڪم به ٿڏيا ويا پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ نوي ڏينهن جي عرصي ۾ چونڊون ٿي نه سگهيون اڃا رولڙي جو شڪار آهن۔جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسيمبلي ۾ هجي ها شايد ئي ملڪ ۽ قوم ڪنهن آئيني بحران جو شڪار نه ٿئي ها۔

سخت نيب قانون هجڻ ڪري ۽ انوقت جي نيب چيئرمن رٽائرڊ جسٽس اقبال جي سخت روين سبب پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين خاص ڪري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪيسن ۽ سزائن کان بچڻ لاءِ  نين چونڊن بدران ان هائوس تبديلي لاءِ  پي ڊي ايم کي ڪري چونڊن جي قانون نيڀ ترميم سميت عدالتي اختيار گهٽائڻ لاءِ  هڪ نئين راند جو آغاز ڪيو جنهن ۾ ن ليگ وزارت عظمي جي لالچ ۾ آصف جو ساٿ ڏنو هٿ ونڊايو ۽ ترميم پويان ترميمن جو هڪ وسيع سلسلو شروع ڪرايو جنهن ۾ عمران جي جذباتي فيصلن پي ڊي ايم کي مضبوط ڪيو ۽ پاڻ شيخن پويان نه صرف هلو ويو پر ترميمون به عمل ۾ آيون۔پي ڊي ايم حڪومت سپريم ڪورٽ کي امتحانن ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ججن ۾ اختلاف پئدا ٿيا جن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي۔

سپريم ڪورٽ جنهن انداز ۽ رخ ۾ فيصلو ڏنو آهي ان موجب قومي اسيمبلي جي پاس ڪيل ترميمن کي نه صرف رد ڪيو ويو آهي پر ڪيس جنهن حالت ۾ هئا اٿان ئي ٻڌا ويندا ۽ جاچ ٿيندي۔پنجاهه ڪروڙ رپين تائين ماليت جي ڪرپشن کي به نيب دائري ۾ آندو ويو آهي جنهن سان ڪرپشن جا دروازا بند ٿي سگهن ٿابه شرط هن فيصلي تي عمل ٿئي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا رنڊڪ نه پوي۔

سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي سان عهدن تي ويٺل سياسي شخصيتن ۽ ڪامورن کي ته وڏو ڌڪ پهتو آهي پر سياسي طاقتن لاءِ  به لمحه فڪر آهي۔هن فيصلي اچڻ کان اڳ ڪجهه سياسي چهرا پرڏيهه پهچي چڪا آهن ڪي اڳ ۾ ئي اتي پهتل آهن ۽ اهي به امڪان آهن ته سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي تي حڪومت نظرثاني طرف وڃي يا متاثر ڌريون خود به وڃن ۽ هن ڏس ۾ ڪا لارجر بئنچ ٺهي  جنهن جا به امڪان آهن۔

سومر کان نئون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عهدو سنڀاليندو نيون بئنچون ٺهنديون نوان ڪيس سامهون ايندا جنهن سان نئون عدالتي ماحول پئدا ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۔هن فيصلي ۾ جسٽس منصورعلي شاه جو اختلافي نوٽ نظرثاني ڪيس ۾ ڪم ڏيکاري سگهن ٿا۔

سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي کي عوامي سطح تي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو پر سياسي طور هن کي هڪ طرفو ۽ جلد بازي طور ڏٺو وڃي ٿو ۽ اهي سياسي شخصيتون يا ڪامورا نيب سزائن کان بچڻ خاطر ملڪ کان ٻاهر آهن يا ملڪ ۾ موجود آهن تن لاءِ  پريشانين جو هڪ نئون در کليو آهي۔ميان نواز شريف هاڻ شايد ئي واپس وري واپسي جو پرورگرام ڪو نئون بهانو بڻائي ملتوي ڪري ڇڏي۔ن ليگ هونئن به چونڊن کان اڳ تڪبندين ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ  انتظار واري پاليسي طرف گامزن آهي جي يو آءِ سربراهه به متحده قومي موومينٽ کي اعتماد ۾ وٺي پ پ پ خلاف محاذ جوڙي ڇڏيو آهي۔سپريم ڪورٽ جو فيصلو چئلنج ٿئي ته اها ٻي ڳالهه آهي باقي نٿو لڳي ته نئين اسيمبلي ٻيهر ڪا ترميم آڻي جو ايندڙ اسيمبلي ۾ نوان ذهن نوان ميمبر هوندا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.