سکر نيب ڪورٽ جا 52 ڪيس بحال ٿيڻ کان پوءِ پ پ جا 50 اڳواڻ پريشان۔ نيب ترميمي بل واقعي آئين جي خلاف هيو؟ ڪٿي نيب ترميمي بل جو ڪالعدم ناپسندگي جي ڪري ته نه ٿيو؟ عمر عطا بنديال تحريڪ انصاف جي هرڪيس تي مخصوص بينچ ڇو ٺاهيندو هو؟ ڇا ويندي ويندي عمر عطا بنديال عمران خان سان ياري نڀائي ويو يا نيب قانون سياسي انجنيئرنگ لاءِ بحال ڪيو ويو؟
سپريم ڪورٽ جي ويندڙ چيف جسٽس ويندي ويندي سياستدانن سان اهڙو ڌڪ ڪيو جو سندن چوڏهن طبق کلي ويا۔نيب جي ترميمي بل جي ڏهن مان نون شقن کي ختم ڪري 50 ڪروڙ کان گهٽ وارا ڪيس بحال ٿي ويا۔ نيب جي ترميمي بل کان پوءِ عمران خان لاءِ ڪٿي وڌيڪ ڏکيائون ته پيدا نه ٿينديون ان تي اڳتي هلي ڳالهايون ٿا پر ان کان اڳ ان ڳالھه جو ذڪر ضروري آھي جو گهڻن ماڻھن کي عمر عطا بنديال جي گهر وڃڻ جو وڌيڪ انتظار هو۔
آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن جو تحريڪ انصاف کان سواءِ باقي سڀني پارٽين کي شدت سان انتظار هو ڇو ته عمران خان جي جن سهولتڪارن جو ذڪر هميشه سندس مخالف ڪندا هئا انهن سهولتڪارن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو به ذڪر ٿيندو رهيو آھي۔ فيض حميد کان پوءِ عمر عطا بنديال کي عمران خان جو سڀ کان وڌيڪ حمايتي يا سهولتڪار سمجهيو ويندو هو۔ بهرحال وقت سڀ کي ماضي جو قصو بڻائي ڇڏيندو آھي تيئن فيض حميد کان پوءِ عمر عطا بنديال به ماضي جو بس هڪ قصو ئي ٿي رهجي ويو۔ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال بابت جيترو ماڻھن ڳالهايو يا لکيو ايترو شايد ٻي ڪنهن چيف جسٽس لاءِ ڪرسي تي ويٺي نه چيو ويو هجي۔
ججز خلاف ماضي ۾ به ڳالهيون ٿينديون رهيون آھن انهن جي فيصلن کي ڪارو قانون به ڪوٺيو ويو پر جيڏي جڳ خواري ثاقب نثار ۽ عمرعطا بنديال جي ٿي ان جي مثال ويجهي ماضي ۾ نه ٿي ملي۔ ان جو سبب شايد اهو هوجو اهي ٻئي جج صاحب پرائي اشاري تي وڌيڪ نچڻ لڳا۔ سندن فيصلن ۾ پسند ۽ ناپسند جو عنصر ڪجھه وڌيڪ نظر آيو۔
عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جو ان وقت جج ٿيو جڏهن عمران خان جي سياست جي ڦوھ جواني شروع ٿي۔ 2014 ۾ بطور سپريم ڪورٽ جي جج حلف کڻڻ کان پوءِ عمر عطا بنديال اهم ڪيسن جي بينچ جو حصو رهيو سندس شمار ثاقب نثار جي ويجهن دوستن ۾ ٿيڻ لڳو۔ سپريم ڪورٽ ۾ ن ليگ خلاف ٿيندڙ فيصلن واري بينچز جو حصو رهيو۔ 2 فيبروري 2022 تي بطور سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس حلف کڻي پنهنجو خدمتون قوم جي بهتر مستقبل لاءِ شروع ڪري ڏنيون۔ جيئن عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو تئين عمران خان جي اقتدار جا به پويان ڏينهن شروع ٿي ويا۔ گهڻن موقعن تي عمران خان کي سپريم ڪورٽ مان رليف ملندو رهيو فقط هڪ موقعي تي عمر عطا بنديال عمران خان جي خلاف فيصلو ڏنو اهو موقعو اسيمبلي ٽوڙڻ جو هو۔
بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اتحادي حڪومت نيب ترميمي بل اسيمبلي مان پاس ڪري صدر مملڪت ڏانهن موڪليو صدر صاحب بل تي صحيح نه ڪري پنهنجي وفاداري آئين يا پارٽي سان ظاهر ڪئي نه جو ذڪر نٿا ڪيو پر اهو ترميمي بل واپس پارليامنٽ ڏانهن اچي ويو پر پارليامنٽ ان ترميمي بل کي صدر جي صحيح کانسواءِ قانون بڻائي ورتو۔ عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ ھڪ آئيني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اهو چيو ويو ته نيب ترميمي بل مان حڪومت ۾ ويٺل ماڻھن کي فائدو پهچايو ويو آھي ان ڪري ان ترميمي بل کي ختم ڪري نيب جي اصل قانون کي بحال ڪيو وڃي۔ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پارليامنٽ جي چونڊيل ميمبرن پاران پاس ڪيل قانون کي ختم ڪيو ويو۔ نيب جي ترميمي بل جي ختم ٿيڻ کان پوءِ نواز شريف يوسف رضا گيلاني پرويز اشرف شاهد خاقان عباسي شھباز شريف آصف زرداري حمزه شريف سميت پ پ ۽ ن ليگ جي مک قيادت نيب واري قانون جي بحالي کان پوءِ ڏچي ۾ اچي وئي آھي۔
پ پ ۽ ن ليگ کان پوءِ هاڻي خود عمران خان نيب جي ريڊار تي اچي ويو آھي۔ سائفر توشه خانه 9 مئي کان پوءِ هاڻي ته خان صاحب تي نيب پاران اڃا وڌيڪ ريفرنس داخل ٿيندا۔ نيب هڪ اهڙو قانون آھي جيڪو سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ ۽ سياسي پارٽين کي داٻي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته نگران سرڪار حقيقي احتساب ڪري ٿي يا بس رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ جا حيلا وسيلا تلاش ڪري پنهنجو مدو پورو ڪري گهر ڀيڙو ٿئي ٿي؟