ملڪ جي سياست، سنڌ جي قومي سياست ۽ حقن جو معاملو ۽ قوم جي سماجي حالت تي سياسي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ فڪري فورمز تي بحث ۽ مباحثن جو موضوع بڻيل آهن. ڊجيٽل آدمشماري ۾سنڌ جي حاصلات ۽ سنڌ جي جماعتن جي ڪردار ۽ ترقي پسند ۽ قوم پرست جي لاتعلقي سبب قوم جي ڳڻپ گهٽ ٿيڻ وارن معاملن ۽ عمل تي ڇنڊڇاڻ جي موضوع کان علاوهه، سنڌي سماج ۾عورتن جي وڌندڙ بدحالي، تعليم ۽ معيشيت جي تباهه حالي، نياڻين ۽ ٻارڙِن سان ٿيندڙ ڏاڍائين، ڌاڙن، ڦرن ۽ هندو برادري سان پنهنجي ئي وطن ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ نئين لڏپلاڻ، سنڌ ۾ ڌارين جي وڌاندڙ والار جي صورتحال ۽ اڀريل مسئلن جي حقيقتن جو پتو لڳائڻ ۽ حل بابت ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل جاري آهي.
تازو، عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پهرين سيپٽمبر 2023ع تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۽ ان بعد ڪراچي ۾ انٽيلڪچوئل فورم (ٽي آءِ ايف )طرفان 9 سيپٽمبر 2023ع تي فڪري ميڙاڪا ڪوٺايا ويا.انهن ميڙاڪن ۾ ٿيل بحث ۽ حاصل نتيجا يقينن سنڌ ۽ قومي اهميت جي حوالي سان ڪارائتا ثابت ٿي رهيا آهن . قومي اهميت جي معاملن سان لاڳاپيل ڌرين ۾ ويڇا گهٽجڻ ۽ هڪٻئي جي موقف کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ ڪن متفقه نقطن تي اتفاق راءِ پيدا ٿي رهيو آهي..
عوامي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾تحريڪ جي صدر لال جروار جي سربراهي ۾ٿيل ميڙاڪي ۾سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ رسول بخش پليجي جي سياست ۽ سندس جماعت جي پراڻي ۽ نئين سياست بحث جو موضوع رهيا. جنهن ۾دانشورن ۾ون تحريڪ جي هيرو مسعود نوراني، صحافين ۾دستگير ڀٽي، اقبال ملاح، مهيش ڪمار، علي محمد ميمڻ، نعمت کهڙو ۽ مختلف تعليمي ماهرن، سماجي ۽ سياسي شخصيتن کليل نموني پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.هڪ خيال موجب، ملڪ جي اسٽبلشمينٽ طرفان ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري سرشتي کي مفلوج ڪرڻ جي جوابدار آهي، جنهن رياست تي قبضا ڪري، مختلف وقتن تي مارشل لائون لڳائڻ ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو . ان کان علاوهه سنڌ جي مسئلن ۽ ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت کي جوابدار قرار ڏنو ويو ۽ ان جماعت تي سنڌ دشمني ڪرڻ وارا الزام پڻ لڳايا ويا. ٻئي پاسي ڪانفرنس ۾ڪيترن مقررن جو اهو چوڻ هو ته، رسول بخش پليجي جي سياست ، سندس خطاب، ڪردار ۽ عمل حقيقي معني ۾ هڪ رهنما ڪردار هو ۽ وفاقي جمهوري مملڪت قائم ڪرڻ لاءِ بهترين وڪيل ۽ سندس هڪ مدبر وارو ڪردار هو جنهن جي جماعٿ جي سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين صوبن جي اسيمبلين ۾ ڪابه نمائندگي نه هئڻ باوجود هن جي قومي نوعيت ۽ جمهوري سرشتي جي حق ۾ اٿاريل آواز کي سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ۽ قبوليت حاصل ٿي. خاص طور تي”ڪالاباغ ڊئم“ واري منصوبي خلاف سندس آواز ۽ تحريڪ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سموري ملڪ تي ان جا اثر ٿيا.
سنڌ جي قومي معاملن تي سنڌ انٽيلڪچوئل فورم طرفان 9 سيپٽمبر 2023ع تي سنڌ جي ٻن نامياري، تحريڪي ۽ سماجي شخصيتن، اڳوڻي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ، فضل سليمان قاضي باني سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ جي سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، بانيڪار سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن سان ڪراچي جي هوٽل ۾ فڪري ويهڪ منعقد ڪئي وئي. هن تقريب جي صدارت دي انٽيليڪچوئل فورم جي چيئرمين مسعود نوراني ڪئي. تقريب کي پروفيسر اعجاز قريشي، اي بي لاشاري، غلام اڪبر ۽ ٻين خطاب ڪيو. خاص مهمان فضل سليمان قاضي چيو ته سنڌ ۽ قوم هن وقت پنهنجي مشڪل دور مان گذري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قائم سرشتو تمام وڏي بحرانن، ناانصافين جو شڪار آهي. نوجوان نسل جي صلاحيتين کي نقصان پهچائيندڙ ۽ قوم جي مفادن خلاف چاپلوسي ۽ مفاد پرستي وارو ماحول ڇانيل آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ هر سطح تي تعليم حاصل ڪرڻي پوندي چاهي ان مقصد لاءِ ابراهم لنڪن وارو طريقو اختيار ڪرڻو پوي جنهن غربت ۽ فاقه ڪشي واري حالت ۾ردي جي ڪتابن جي دڪان تي وڃي ملازمت ڪري پراڻن ڪتابن مان تعليم حاصل ڪئي . فضل سليمان قاضي چيو ته، اسان جي قوم کي پنهنجي حقن ۽ ڪاميابين ۽ ناڪامين جي ذميواري پاڻ پنهنجي ڪلهن تي کڻڻي پوندي.
اعزازي مهمان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ خطاب ڪرڻ بجاءِ مختلف سماجي مسئلن ۽ پنهنجي زندگي جي ڪيل ڪم ۽ ڪردار تي حاضرين جي سوالن جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سگا جي سنڌي سماج ۾ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته، سگا ، سياسي جماعت ناهي، هيءَ هڪ سول سوسائٽي جماعت آهي جيڪا پنهنجي ٻن بنيادي مقصدن هڪ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾تعليم جو بندوبست ڪرڻ، سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ ۽ سماج ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ گذيل 51 سالن کان مصروف آهي سگا جون هن وقت به 100 کان وڌيڪ شاخون سماجي ڀلائي ۽ سماج سڌارڪ سرگرمين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ملڪ ۾ ڇانئيل مايوسي، معاشي مشڪلاتن، سنڌ ۾ ڌارين جي والار واري صورتحال ۾ سنڌ ۽ قوم جي مستقبل ۽ قيادت جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حالتن مان ئي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل پڻ نڪرڻو آهي ۽ انهن حالتن مان ئي وقت جي ليڊر شپ پيدا ٿيڻي آهي اهو قدرت جو پڻ قانون آهي. هن چيو ته هندستان جهڙي ملڪ ۾ انا هزاري جهڙي ليڊرشپ عام ماڻهن مان پيدا ٿي ۽ اڄ سندن غريب عوام پارٽي دهلي جي حڪمران آهي تو اهڙا معجزا اسان وٽ پڻ ٿي سگهن ٿا، ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ جي راڻيپور جي حويلي ۾ فاطمه ڦرڙو واري ٿيل سانحي ۽ ٻين واقعن جي روڪٿام ۽ سانحن کان بچاء بابت سوالن جي جواب ۾ چيو ته، اهي واقعا ٻڌائين ٿا ته اسان جي قوم ۾ بي حسي ۽ لاتعلقي واري مجرماڻي حالت تمام گهڻو وڌيل آهي.
تقريب جي صدر مسعود نوراني چيئرمين ٽي آءِ ايف پنهنجي خطاب ۾چيو ته، سنڌي قوم ۽ سماج کي وري اوج ماڻڻ لاءِ پنهنجي هيروز کي هر وقت ياد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌ انٽيليڪچوئل فورم سنڌ جي هيروز کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين جي جدوجهد، تجربن، ڪاميابين ۽ حاصلات کان آگاهه ڪرڻ ۽ نئين نسل سميت سمورن موجود نسلن کي انهن جي ڪارنامن جي ذڪر ۽ ميڙاڪن ۾ ٻڌڻ ۽ بحث هيٺ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اسان جا ڪيترائي هيزوز اسان ۾ موجود آهن ته انهن کي پنهنجن سان ملائڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جا موقعا ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ جي تاريخي شخصيتن تي گفتگو ڪرڻ ۽ انهن بابت سوال جواب ڪرڻ سان سنڌ ۾پنهنجي تاريخ، حال ۽ مستقبل جي حوالي سان بحث مباحثا ڪرڻ سان ئي قوم کي رهنمائي ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽي آءِ ايف پنهنجي حصي جا ڏيئا ٻارڻ وارو قومي ڪم ۽ فرض ادا ڪري رهي آهي.دانشورن جي هن فورم طرفان قوم ۽ ملڪ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه بهتر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ته اهو اسان لاءِ يقينن اعزاز آهي. مسعود نوراني چيو ته اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ بهتر ادارا ۽ ڪم ٿيڻ کانسواءِ ملڪ يا سنڌ صوبو اڳتي وڌي نه سگهندا. اسان کي اطمينان آهي ته ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ هڪ وڏي عوامي ۽ جمهوري قوت ۽ جماعت موجود آهي اهڙي ريت، سنڌ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي صورت ۾ سماجي جاڳرتا ۽ سماج سڌارڪ جماعتون اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهن ۽ يقينن انهن جي ٺهڻ ۽ جاري رهڻ ۾ وڏيون قربانيون ۽ جدوجهد ٿيل آهي انهن کي مضبوط رهڻ گهرجي ۽ ڪنهن طرفان به انهن کي ختم ڪرڻ يا انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.