مٺياڻي شهر جي هڪ سرڪاري اسپتال ۽ مسئلا هزار

تحرير: امير علي ملڪ

مٺياڻي شهر جنهن جي سڃاڻپ جو وڏو ۽ مشهور حوالو ادبي، سياسي ۽ تاريخي آهي ۽ جنهن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ پنجاهه هزار کان مٿي آهي تنهن شهر جي واحد سرڪاري اسپتال جا هزار مسئلا ۽ شڪايتون آهن. غريبن لاءِ ڄڻ اسپتال کي تالو لڳل هجي. مجموعي طور تي ڏسجي ته مٺياڻي جي هيءَ اسپتال ڪرپٽ ڪامورن جي ور چڙهيل آهي. هن اسپتال اندر ڊاڪٽر ۽ عملي جو مريضن سان رويو انتهائي اڍنگو هوندو آهي.

مريضن لاءِ ايندڙ دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي يعني اهي دوائون غريبن کي نه ٿيون ملن. انهن شڪايتن جو ڪو به عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ڪرپٽ ڊاڪٽر جي بي حسي مريضن کي ٻاهرين دوا لکي اهو چئي واپس ڪندا آهن ته دوا ناهي هتان هليا وڃون جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽرن سان اھو سوال ڪري ته دوا سان ته اسٽور روم ڀريو پيو آهي. ان کي جواب ڏيڻ بجاءِ گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي.

گزريل ڪجھه ڏينهن کان جڏهن دوائن جي کوٽ جون مسلسل خبرون اخبارن ۾ هلڻ کان پوءِ  ضلعي جو عملدار مريضن جون شڪايتون ٻڌڻ کان سواءِ خانا پوري طور رڪارڊ چيڪ ڪري  ۔ صحافين جي ٽيم پهچڻ تي لڪ ڇپ ۾ روانو ٿي ويو ۔

ياد رهي ته هن رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ صبح واري شفٽ ۾ ٻه ڊاڪٽر موجود آهن ۔ شام واري شفٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر موجود آهي ۔ جيڪو مھيني جا پھريان پنج ڏينهن صرف سرڪاري اسپتال مٺياڻي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي ۽ باقي رات واري شفٽ ۾ ته ڪو ڊاڪٽر ئي نه آهي صرف هڪ ڪمپائونڊر آهي جيڪو مريضن جو علاج ڪندو آهي ۔

اوهان کي ياد ڏياريندا هلون ته گذريل سال مھا برسات سڄي سنڌ کي ته متاثر ڪيو پر اتي اسان جي مٺياڻي شھر به تمام گهڻو متاثر ٿيو ۔ برسات کانپوءِ  پاڻي بيھڻ ۽ گندگي سبب مٺياڻي ۽ ڀرپاسي مليريا سميت انيڪ بيمارين ڪر کنيو جيڪي هاڻي وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن ۔

جنهنڪري گذريل هڪ هفتي اندر ٽي ٻارڙن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ۽  خاص طور هي عجيب قسم جي مليريا اڄ به ڪَرُ کنيو بيٺي آهي. اسپتال ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ مشين گزريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي ۔ مٽي ۽ دز سبب هي ڪروڙين روپين جون مشينون ناڪاره ٿيڻ جو خدشو آهي. 50 کان وڌيڪ اسٽاف رکندڙ هي اسپتال هن وقت پرائيويٽ ملازمن جي حوالي آهي ۔ جڏهن ته ڪجهھ ملازم ويزا تي وڃڻ جا پڻ اطلاع آهن ۔

آخر مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين جو اهو ڪھڙو ڏوھ آهي جو صحت جي بنيادي سھولتون کان کين محروم رکيو ٿو وڃي ۔ هتان جي سڄاڻ شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي  ته مٺياڻي اسپتال ۾ مليريا جي دوائن جي وڪرو ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ۽ او پي ڊي ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ کي ختم ڪري مليريا جون ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ۔  ان حوالي ۾ اعليٰ عدالتن کي به پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.