چونڊن جو ماحول، سياسي جماعتن جون سرگرميون ۽ عوام جي ڪاوڙ

سنڌ ۾ ھر اليڪشن کان ٿورو اڳ عام طور تي ھڪ وڏو حلقو پاڪستان پيپلزپارٽي کان ناراضگي جو اظھار ڪندي،ان پ پ پ جي متبادل جماعت ھئڻ جي ڳالھھ ڇيڙيندو آھي.پر شايد ئي ڪا اھڙي چونڊ ھجي،جنھن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ ڪا جماعت يا ڪا پارٽي ٽڪي سگھي ھجي.اھو ضرور ٿيو آھي تھ سڌي ريت پ پ پ کي ھارائي نھ سگھڻ جي صورت ۾ ان جو ٻيو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي.

جنھن جو اثر پڻ گھڻو ڪري غيرجمھوري قوتن جي دور ۾ رھيو آھي.پر گذريل لڳ ڀڳ 15 سالن کان سنڌ صوبي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت رھي آھي.جنھن ۾ پيپلزپارٽي ۾ وڏو حلقو اليٽيبلز جو بھ شامل آھي.جنھن جو پنھنجو علائقائي يا برادري جو ووٽ بئنڪ آھي.

سنڌ جي انھن 15 سالن ۾ پ پ پ جي اقتداري دور ۾ عوام کي ڪي گھڻيون سھولتون نھ مليون آھن،انساني حقن جي ڀڃڪڙي، بدامني، مھانگائي. تعليم ۽ صحت جو گھربل سھولتون نھ ملي سگھيون آھن.چوڻ  وارا چون ٿا تھ ان دور ۾ماڻھو ڪنھن بھ کاتي ۾ ڪنھن بھ ماڻھون جو ڪو ڪم بنا رشوت جي نھ ٿيندو ھو.ٻھراڙين مان غربت نھ گھٽي، مڪاني ادارن جي سرگرم ھئڻ باوجود عوام کي اھي سھولتون نھ مليون جيڪي لازمي ملي وڃڻ گھرجن ھا.ان جي باوجود اھو سوال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي تھ پوءِ بھ ماڻھون پيپلزپارٽي کي ڇو ٿا ووٽ ڏين ؟ ان جو سڌو جواب اھو آھي تھ ان جو نعم البدل ناھي.ان جي ڪا اپوزيشن ناھي.

ھن وقت بھ چونڊن جوماحول جڙي رھيو آھي تھ وري ڪجهھ جماعتون پ پ پ جي خلاف اتحاد ڪرڻ يا پاڻ ۾ گڏجڻ جون تياريون ڪري رھيون آھن.ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي ڊي اي، جي يوآءِ  ۽ ن ليگ جو ھڪ اجلاس ٿيو ھو،جنھن ۾ ان بابت غور ڪيو ويو ان دوران ڪافي معاملن تي اتفاق ٿيو آھي، ان سلسلي جي ھڪ ٻي ڪڙي طور خميس واري ڏينھن جي يو آءِ (فضل الرحمان ) جي سنڌي جي قيادت پڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پ پ پ جي خلاف اتحاد ڪرڻ بابت ڳالھھ ٻول ڪئي آھي. سنڌ ۾ ٻھ پارٽيون جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اڃان تائين ڪنھن پاسي ڏانھن لاڙي رکڻ جو اظھار نھ ڪيو آھي.ڪجھھ جماعتن خاص ڪري جماعت اسلامي،ايم ڪيو ايم،مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اصل ۾ ووٽ بئنڪ ھڪڙي شھر ڪراچي يا وڌ ۾ وڌ وري حيدرآباد تائين آھي،جڏھن تھ جي يو آءِ وٽ لاڙڪاڻي واري سيٽ جو حلقو ھجي.

ماڻھون پ پ پ جي ڪارڪردگيءَ ۽ ان ۾ عرصي کان موجود اليڪٽيبلز واري جمود کان تنگ آھن، ڪو اھڙو اتحاد سامھون اچڻ سان ان جو ڪو نتيجو بھ نڪري سگھي ٿو پر ان جي لاءِ ھڪ ڳالھھ لازمي آھي تھ ان اتحاد۾ اھڙيون ڌريون ھجن جن کي عوامي مقبوليت ھجي.ان جي ابتڙ اھڙي نوعيت جي ڪنھن بھ اتحاد يا ڪوشش جنھن مان خود محلاتي سازش جو شڪ ٿيندو ھجي عوام شايد ئي قبول ڪري.مٿي ذڪر ڪيل ڪنھن بھ جماعت جي جدوجھد يا وري ان جي ڪارڪردگي، ان ان جماعت جي ڀيٽ ۾ بھتر ناھي رھي جنھن سان مقابلي جي لاءِ اھي ميدان ۾ اچي رھيون آھن.اڳڀرائي يا مثبت ڳالهھ کي بھتر موٽ ملي سگھي ٿي، ڪنھن بھتر  واري ڪوشش جي عوام حمايت ڪندو پر ان لاءِ شرط آھي تھ اھو بھتري وارو پھلو ڪٿي نظر بھ اچي.

ساڳي ريت ھي پ پ پ جي لاءِ پڻ پاڻ کي بھتر ڪرڻ جو ھڪ بھترين موقعو آھي.وقت بدلجي رھيو آھي ماڻھن ۾ گھڻي ڪاوڙ آھي، جيڪڏھن جماعت پنھنجي اندر موجود ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي.پارٽي اندر جمھوريت جي روايت کي اڳتي وڌائي ٿي.وچولي طبقي کي حقيقي بنيادن تي اڳتي اچڻ جو  موقعو ڏنو ٿو وڃي تھ ان جا سنڌ جي سياست تي بھترين نتيجا سامھون اچي سگھن ٿا.

 

  • اسلام ڪوٽ لڳ آر او پلانٽ خراب،ماڻھو پاڻي لاءِ پريشان

ٿر ۾ ٻيا تي ڪافي مسئلا آھن پر ھن علائقي جو اصل مسئلو پاڻي آھي.ٿرپار چئبو ئي ان علائقي کي آھي جتي بئراجن جي واھن،ڪئنالن جو پاڻي نٿو پھچي.ڪجھھ وقت اڳ پيپلزپارٽي جي حڪومت ھن علائقي ۾ عوام کي پاڻي جي سھولت فراھم ڪرڻ جي لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ھئا.جنھن جي وڏي تشھير پڻ ٿي ھئي.پر ٿر جي مختلف علائقن جي ماڻھن پاران وقت بوقت اھا شڪايت سامھون ايندي رھي آھي تھ انھن آراو پلانٽ جي مناسب سار سنڀال نھ ٿيڻ ڪري انھن مان جيڪو مقامي غريب ماڻھن کي فائدو ملڻ گھرجي ھا اھو نٿو ملي.اھڙين شڪايتن موجب ڪن آر او پلانٽس جون مشينون خراب آھن، تھ ڪٿي ڪٿي انھن جا اوزار چوري ٿي ويا آھن،ڪٿي ان کي ھلائڻ جي لاءِ مقرر ڪيل آپريٽر جو ڪي من مستيون آھن.

تازو اسلام ڪوٽ جي علائقي ڀرسان ڳوٺ رانجھو نون جي ڳوٺاڻن اتي لڳل خراب ٿيندڙ  آراو پلانٽ کي درست نھ ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪندي اسلام ڪوٽ ۾ ڌرڻو ھنيو.ھنن جو چوڻ ھو تھ لڳايل ٻھ آراو پلانٽ خراب ڪافي وقت کان خراب ٿيڻ ڪري ھتان جي ماڻھن کي ھاڻي چار ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري پاڻي جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو.انھن جي شڪايت ڪئي تھ اھڙي دانھن لاڳاپيل اختيارين کي ڏني وئي آھي پر ان سان بھ آراو پلانٽ درست نھ ٿي سگھيا آھن. ٺٽو

ڳوٺاڻن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ھن ڳو ٺ ۾ آراو پلانٽ لڳائن کان اڳ 15 کوھھ ھئا جيڪي بھ استعمال نھ ٿيڻ ڪري سڪي ويا آھن، ٻيو تھ ھن علائقي ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري زيرزمين جي پاڻي سطح ھيٺ لھي وئي آھي.جنھن ڪري ھو ھن وقت پاڻي جي لاءِ پريشان آھن.ھنن اختيارين کان آراو پلانٽ درست ڪري ڏيڻ ۽ پاڻي جي سھولت مھيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

سنڌ جي نگران حڪومت کي گھرجي تھ ان سلسلي ۾ ڪوتاھي ڪندڙن اداري جي عملدارن کان پڇاڻو ڪري، ٿر جي غريب ۽ بيوس ماڻھن جي لاءِ فوري طور تي پاڻي جي سھولت کي يقيني بڻائي ۽ ڪوتاھي جي نشاندھي ڪري انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.