ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) بحريه انتظاميه پنج سالا معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي وئي، بحريه ايڊوينچر لينڊ ۾ ٻڏندڙ پهرين ڪلاس جو شاگرد ايمبولينس ۾ تڙپندو رهيو انتظاميه گيٽ کولڻ جي زحمت به نه ڪئي، والد روئيندو ۽ رڙيون ڪندو رهيو. ذريعن موجب بحريا ٽائون ڪراچي ۾ بدانتظامي ۽ نااهلي سبب حادثا پيش اچڻ باوجود بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميا آڏو ملڪ جا سمورا ادارا بي وس بڻيل آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي جي علائقي بحريا ٽائون ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو ”بحريه ايڊونچر لينڊ“ واٽر پارڪ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. دل ڏاريندڙ واقعو آچر 10 سيپٽمبر تي شام جو پيش آيو. 5 ورهين جو معصوم ٻارڙو محمد شاهويز شهزاد پنهنجي والدين سان گڏ بحريا ٽائون ”ايڊونچر لينڊ“ سير ڪرڻ لاءِ پهتو هو جتي هو وهجندي ٻڏي ويو، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايڊوينچر لينڊ جو عملو غير ترتيب يافته ۽ غير تجربيڪار آهي جنهن سبب ٻارڙو فوت ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊوينچر پارڪ ۾ حادثو پيش اچڻ جي صورت ۾ لائيف گارڊ پڻ موجود ناهن، جڏهن ته واقعي بعد ايمبولينس ۾ معصوم ٻار تڙپندو رهيو پر ايڊوينچر لينڊ جي مک گيٽ کولڻ لاءِ عملو تيار ئي نه هو، نينگر جي والد جي رڙين ۽ داهن بعد عملو پهتو تيستائين معصوم ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو. ياد رهي ته اهڙي واقعي جي عوامي آواز وڊيو پڻ هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ معصوم ٻار تڙپي رهيو آهي .