چيف جسٽس جو آخري ڏينهن، نيب ترميمن تي فيصلي جا امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو اڄ  آخري ڏينهن آهي سڀاڻي هو رٽائر ٿي  ويندو ۽  ان بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيف جسٽس طور حلف کڻندو.

نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته نيب ترميمن خلاف عمران خان جي داخل پٽيشن تي 50  کان وڌيڪ ٻڌڻيون  ٿيون جنهن بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. اڄ  چيف جسٽس جو ڇاڪاڻ ته آخري ڏينهن  آهي.

ان ڪري اهو فيصلو اچڻ  جا امڪان آهن ، جڏهن  ته عدالت جي روايت آهي ته رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس کي فل ڪورٽ ريفرنس ڏنو ويندو. آهي. پر شايد پهريون موقعو آهي ته رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس فل ڪورٽ ريفرنس نه وٺندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.