گجرانوالا ڪور ڪمانڊر جنرل عامر سميت 4 جنرل رٽائر

لاهور (عوامي آواز نيوز) پاڪ فوج ۾ ڪجهه اهم تبديلين جا امڪان آهن، ڇو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم سميت 4  جنرل رٽائر ٿي رهيا آهن.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته رٽائر ٿيندڙ  جنرلن ۾ گجرانوالا جو ڪور ڪمانڊر جنرل عاصم، جنرل چراغ حيدر ۽ جنرل خالد ضيا شامل آهن. سڀ کان وڌيڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جو نالو بحث هيٺ آهي.

هڪڙو اطلاع اهو آهي ته جنرل نديم انجم کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏني پئي وڃي، ٻيو اطلاع اهو آهي ته جنرل نديم انجم رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ اڪبر نالي سان ڪو نئون آفيسر عهدي تي اچي رهيو آهي.

پر اڃان تائين ڪٿان به ڪنهن اطلاع  جي تصديق نه ٿي رهي آهي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ترڪيه جي دوري تي ويل آهي. ان جي واپسيءَ  کانپوءِ ئي شايد صورتحال واضح ٿي سگهندي، في الحال جنرل نديم انجم ۽ جنرل عاصم پنهنجي  آفيسن ۾ ڊيوٽي تي موجود آهن

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.