ڪارروائي جا اثر، کنڊ جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ذخيري اندوزن خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ کنڊ جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي. ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه وڌيڪ گهٽجڻ کانپوءِ 152 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.

10 ڏينهن دوران هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 26 رپيا گهٽجي ويو آهي.

ان کانسواءِ ريٽيل ۾ کنڊ جي قيمت 160 رپيا في ڪلو تي اچي وئي آهي، 10 ڏينهن ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 30 رپيا گهٽ ٿي آهي. هوڏانهن پشاور ۾ به في ڪلو کنڊ 190 رپين مان گهٽجي 160 رپين تائين اچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.