جسٽس مظاهر نقوي جو استعيفا ڏيڻ تي غور !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمرعطا بنديال جي سڀاڻي رٽائر ٿيڻ سبب هم خيال ججن ۾ پريشاني وڌي وئي آهي.

اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر ٽي وي چينل تي اينڪر ثنا بچا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جسٽس مظاهر  علي نقوي استعيفا ڏئي سگهي ٿو پر پوءِ به ڪارروائي کان  بچي نه سگهندو، نه صرف جسٽس  مظاهر نقوي خلاف داخل ريفرنس تي ڪارروائي ٿيندي پر جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ ۽ سينيئر ججن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف پڻ ڪارروائي ٿيندي.

نامياري صحافي معظم فخر جو به چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر علي نقوي پنهنجن ويجهن دوستن سان استعيفا ڏيڻ بابت صلاح مشورا شروع ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وقت استعيفا اچي سگهي ٿي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.