پاڪستان ۾ پناهه گيرن لاءِ ڪا جاءِ ناهي: نگران وزيِراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انواز الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني پنگاهه گيرن لاءِ ڪائي جاءِ نه آهي جنهن کي اچڻو آهي ويزا وٺي اچي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيرِاعظم چيو ته پاڪستان۾ غيرقانوني طور ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، بنا ويزا ايندڙ ماڻهن کي واپس اُماڻيو ويندو جنهن کي به اچڻو آهي اهو ويزا وٺي اچي.

هن چيو ته جيڪڏهن مان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندس ته اِهو قانوني نه غيرقانوني هوندو، اسگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف مارڪيٽ ڪنٽرول ڪميٽيون بحال ڪري ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته ڇا اسمگلنگ پهريان نه هئي، مان سياستدانن ۽ ڪامورن کي لائين ۾ بيهاري گوليون نٿو هڻي سگهان، مان مغل بادشاهه نه آهيان، اسان بنا ڊپ جي ڪم ڪري رهيا آهيون.

ان کان اڳ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ نگران وزيراعظم جو چوڻ هو  صدر پنهنجي خط ۾ چونڊن جي تاريخ بابت تجويز ڏني آهي فيصلو ناهي ڪيو، ان خط جي ضرورت بابت صدر بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو، صدر جي چونڊن بابت راءِ ۽ پوزيشن آهي، صدر جي هڪ راءِ آهي ۽ سندس هڪ سياسي پارٽي سان واسطو به آهي.

انوار الحق چيوته نيب ترميمن بابت منهنجو موقف آهي ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جا سٺا لاڳاپا آهن، بلاول ڀٽو جيڪي خدشا عوامي سطح تي اُٿاريا آهن سندس حق آهي.

انوار الحق چيو ته اسان جو جيترو وقت هوندو قانون مطابق هوندو، اسان هڪ ڏينهن رهون يا هڪ مهينو، قانون مطابق رهنداسين.

سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ مناسب وقت ۾ عام چونڊون ٿي وينديون، اسان کان اُهي سوال نه ڪريو جنهن جو قانوني جواب اسان وٽ ناهي، ڇا اليڪشن ڪميشن کي اسان جي درخواست تي چونڊ شيڊيول ڏيڻو آهي؟.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم طور جيڪي سهولتون حق آهن يقيني بڻائينداسين ته اهي جيل ۾ ڏنيون وڃي جڏهن ته تحريڪ انصاف بابت سمري آئي ته ميرٽ تي ڏسنداسين.

نواز شريف جي وطن واپسي تي نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته کيس پتو ناهي ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت اچي رهيو آهي يا نه.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي واڌ بابت سوال تي نگران وزيرِ اعظم چيو ته ان معاملي جو تعلق نيشنل سيڪيورٽي سان آهي، حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي عوام جي مفاد ۾ هوندو، اهو منهنجو اختيار آهي ۽ پنهنجي اختيار مطابق مفيصلو ڪندس.

ڊالر جي قيمت بابت سوال تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته غيرقانوني سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي، ڊالر جو ريٽ ڪٿان اچي ٿو ته ان سان لهڻو ليکو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.