نيب ترميمون ڪالعدم قرار،اڳوڻي صدر ۽ 6 اڳوڻن وزيرِاعظمن خلاف به ڪيس بحال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنسز ٻيهر بحال ٿي ويا آهن.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رُڪني بئنچ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نيب ترميمن خلاف درخواست منظور ڪندي نيب ترميمن جي 10 مان 9 شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه طرفان اختلافي نوٽ به لکيو ويو آهي.

سُپريم ڪورٽ جي مختصر فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمن سان عام مفاد جا حق متاثر ٿيا، نيب ترميمن جي سيڪشن 10 ۽ سيڪشن 14 جي پهرين ترميم ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي ۽ 50 ڪروڙ جي حد کان گهٽ هجڻ تي ختم ٿيندڙ سمورا ڪيس بحال ڪيا ويا آهن.

سُپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ سياستدانن جا سمورا ڪيس بحال ڪندي چيو ويو آهي ته تمام ڪيسز نيب عدالتن ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻيهر مقرر ڪيا وڃن.

سُپريم ڪورٽ طرفان نيب قانون ۾ ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪيئي سياستدانن خلاف بند ٿيندڙ ڪيس ٻيهر کُلي ويا آهن.

سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشا خانا ريفرنس بحال ٿي ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ايل اين جي ريفرنس احتساب عدالت مان منتقل ٿي ويو هو ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ريفرنس به واپس ٿي ويو هو جيڪو ٻيهر بحال ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.